English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير: چشمه ڳوٺ جي مختلف اسڪولن جي شاگردن پاران جاڳرتا ريلي ڪڍي وئي
181 views
|
21st Apr 2026
•
سنڌي خبرون
پڙهندي سنڌ ته وڌندي سنڌ ريلي ۾ وڏي انگ ۾ ٻارڙن، استادن ۽ سماجي اڳواڻن جي به شرڪت
ملير(رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) "پڙهندڙ سنڌ، وڌندي سنڌ" جي عنوان هيٺ ريڙهي مياڻ جي چشمه ڳوٺ جي مختلف اسڪولن جي شاگردن پاران شعوري ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ وڏي انگ ۾ ٻارڙن، استادن ۽ سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي۔ريلي ريڙهي مياڻ سيڪنڊري مان شروع ٿي ريڙهي مياڻ جي مختلف پاڙن ۽ مڇي مارڪيٽ کان ٿيندي مين اسٽاپ تائين پهتي، جتي شاگردن تعليم جي اهميت بابت بينر ۽ پلي ڪارڊ کڻي شرڪت ڪئي۔ شاگردن پاران "پڙهندڙ سنڌ، وڌندي سنڌ"، "تعليم هر ٻار جو حق آهي" ۽ "تعليم سان ترقي ممڪن آهي" جهڙا نعرا پڻ هنيا ويا۔ ريلي جي اڳواڻي ڊي او ملير سيڪنڊري اسڪول مير حسن لاشاري، اسسٽنٽ ڊي او امتياز نائچ، آر ايس يو رضا بلوچ، سماجي اڳواڻ يونس خاصخيلي،نذير احمد جت، محمد امين ڪلمتي، جاويد خاصخيلي ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي۔ اڳواڻن ان موقعي تي خطاب ڪندي چيو ته تعليم قومن جي ترقي جو بنيادي ذريعو آهي ۽ هر ٻار کي تعليم جي سهولت فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي۔هنن چيو ته ريڙهي مياڻ جهڙن سامونڊي علائقن ۾ تعليمي سهولتن جي کوٽ آهي، جنهن کي ختم ڪرڻ لاءِ گڏيل ڪوششن جي ضرورت آهي۔ اڳواڻن والدين تي زور ڏنو ته هو پنهنجي ٻارن کي اسڪول موڪلين ته جيئن پڙهندڙ سنڌ سان گڏ ترقي يافته سنڌ جو خواب ساڀيان ٿي سگهي۔ريلي ۾ شرڪت ڪندڙن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته سامونڊي پٽي جي علائقن ۾ وڌيڪ اسڪول قائم ڪيا وڃن، استادن جي کوٽ پوري ڪئي وڃي ۽ ٻارن کي بنيادي تعليمي سهولتون فراهم ڪيون وڃن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
21st Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
تعلیم میں ٹیکنالوجی کا کردار
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
ایران نے مذاکرات میں شرکت سے انکار کر دیا
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکی دھمکیوں کو کوئی اہمیت نہیں دیتے، بہتر ہے ٹرمپ سوچ سمجھ کر بات کریں: باقر قالیباف
21st Jun 2026
•
تازہ ترین
مذاکرات کے پہلے دور میں ایرانی وفد کا ٹرمپ کی دھمکیوں پر امریکی وفد کے سامنے احتجاج
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽي ۾ عوامي شڪايتن تي اي سيز پاران پئٽرول پمپس جا دورا
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ ڪسٽم جي گڏيل ڪارروائي دوران سگريٽ هٿ
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ مزدور تحريڪ پاران پورهيت مير مرتضيٰ شيخ جي برطرفي خلاف تحريڪ جو اعلان
21st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جو وڏو وزير عوام دوست بجيٽ پيش ڪرڻ تي خراج تحسين جو مستحق آهي: شرف النساء شبنم
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير: چشمه ڳوٺ جي مختلف اسڪولن
0 تبصرے