اهم عهدن تي غير موزون مقرريون، 2024.25 جي آڊٽ رپورٽ ۾ سنگين اعتراض واريا ويا
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) پاڪستان اسٽيل ملز جي سال 2024-25 جي آڊٽ رپورٽ ۾ اهم انتظامي ۽ مالي عهدن تي غير موزون مقررين جو انڪشاف ٿيو آهي، جنهن تي آڊٽ اختيارين سخت ڳڻتي ظاهر ڪندي سنگين اعتراض واريا آهن۔ آڊٽ رپورٽ موجب چوڌري محمد اڪرم، جيڪو سپرنٽنڊنٽ انجنيئر آهي ۽ انجنيئرنگ ۾ بيچلرز ڊگري رکي ٿو، کيس 2018 کان قائم مقام بنيادن تي ڊپٽي چيف انجنيئر جون ذميواريون ڏنيون ويون۔ بعد ۾ نومبر 2024 ۾ کيس ڊائريڪٽر فنانس/سي ايف او ۽ ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن اينڊ پرسنل جا اضافي چارج پڻ ڏنا ويا۔رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ڊائريڪٽر فنانس/سي ايف او جي عهدي لاءِ CA، ACCA، ICMA يا FPFA جهڙي پيشاورانه فنانس سرٽيفڪيشن سان گڏ ماسٽرز ڊگري ۽ گهٽ ۾ گهٽ 10 سالن جو لاڳاپيل تجربو ضروري هوندو آهي، جڏهن ته مذڪوره آفيسر وٽ فنانس، ايڇ آر يا انتظامي معاملن جو گهربل تجربو موجود ناهي۔ آڊٽ اختيارين موجب هن غير موزون مقرري سبب مالي سال 2023-24 ۽ 2024-25 جا ساليانا اڪائونٽ وقت تي تيار نه ٿي سگهيا، جنهن سان اداري جي مالي شفافيت ۽ ڪارڪردگي تي منفي اثر پوڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي۔رپورٽ ۾ وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته 2 مئي 2025 کان پاڪستان اسٽيل فيبريڪيٽنگ ڪمپني لميٽيڊ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جو اضافي چارج پڻ چوڌري محمد اڪرم کي ڏنو ويو، جڏهن ته ان عهدي لاءِ به ضروري قابليت ۽ تجربو موجود نه هجڻ جي نشاندهي ڪئي وئي آهي۔ آڊٽ رپورٽ موجب هڪ انجنيئرنگ پس منظر رکندڙ آفيسر کي بیک وقت چيف انجنيئر، ڊائريڪٽر فنانس، ڊائريڪٽر ايڊمنسٽريشن ۽ سي اي او جا اختيار ڏيڻ ميرٽ ۽ شفافيت جي اصولن جي خلاف آهي، جنهن سان اداري جي ڪارڪردگي ۽ احتساب جو نظام متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي۔اداري جي انتظاميا موقف اختيار ڪيو ته اڳوڻي سي ايف او جي برطرفي بعد عارضي طور اهي ذميواريون سونپيون ويون، جڏهن ته آڊٽ اختيارين چيو ته انتظاميا طرفان فراهم ڪيل دستاويز ۽ ضميمه مڪمل نه هئا، جنهن سبب دعوائن جي تصديق ممڪن نه ٿي سگهي۔ آڊٽ اختيارين سفارش ڪئي آهي ته پاڪستان اسٽيل ملز ۾ فوري طور مستقل سي ايف او مقرر ڪيو وڃي ۽ اهم عهدن تي ميرٽ موجب مقرريون يقيني بڻايون وڃن، جيئن اداري جي مالي ۽ انتظامي ڪارڪردگي بهتر بڻائي سگهجي۔
0 تبصرے