سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايڇ او مڪلي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري حڪم تي عمل کان روڪي ڇڏيو

سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي ايس ايڇ او سميت اهلڪارن خلاف ٺٽو عدالت جي ايف آء آر داخل ڪرڻ واري حڪم تي عمل روڪي ڇڏيو

سنڌ هاءِ ڪورٽ ايس ايڇ او مڪلي ۽ ٻين خلاف ڪيس داخل ڪرڻ واري حڪم تي عمل کان روڪي ڇڏيو

ٺٽو:(ڊر) قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ياسر جاکرو جي درخواست تي ايس ايڇ او مڪلي سميت چئن اهلڪارن خلاف ٺٽي جي عدالت پاران ڪيس داخل ڪرڻ جي حڪم وارو معاملو. سنڌ ھاءِ ڪورٽ ڪراچي ايس ايڇ او سميت اهلڪارن خلاف ٺٽو عدالت جي ايف آء آر داخل ڪرڻ واري حڪم تي عمل روڪي ڇڏيو ايس ايڇ او مڪلي مظھر ڪنگو پاران ايف آء آر واري ماتحت عدالت جي حڪم کي هاء ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو ويو 2 ڏينهن اڳ فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج ۽ ماڊل ڪورٽ ٺٽو جي عدالت قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻ ياسر جاکرو جي قلم 22 اي تحت داخل ڪرايل درخواست کي منظور ڪندي ايس ايڇ او مڪلي مظھر ڪنگو سب انسپيڪٽر مشتاق پنهور ۽ ٻن اي ايس آئيز غلام رسول سومرو ۽ محڪم الدين سمون خلاف درخواستگذار ياسر جاکرو جي گهر تي چڙھائي ڪري ۽ کيس مڪلي ٿاڻي تي تشدد ڪري ناحق بند ۾ رکڻ جي ايف آء آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو عدالتي حڪم تي پوليس پاران ڪيس داخل نه ڪرڻ تي اڄ ياسر جاکرو پاران سندس وڪيلن افضل ميمڻ ۽ ٻين معرفت ساڳي عدالت ۾ عدالتي حڪم تي عمل نه ٿيڻ خلاف درخواست داخل ڪرائي جنهن تي عدالت ايس ايس پي ٺٽو ڊي ايس پي ٺٽو ۽ ايس ايڇ او مڪلي کي سڀاڻي ماڊل ڪورٽ جي عدالت ۾ روبرو پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو آھي ٻئي طرف مڪلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او مظھر علي ڪنگو پنهنجي وڪيل خالد حسين کوسو معرفت سنڌ ھاء ڪورٽ ڪراچي ۾ سندس ۽ ٻين پوليس اهلڪارن خلاف ٺٽي جي عدالت پاران ايف آء آر داخل ڪرڻ واري حڪم کي چئلينج ڪري ڇڏيو آھي جنهن تي سنڌ ھاء ڪورٽ جي سنگل بئنچ ايف آء آر داخل ڪرڻ تي عملدرآمد کي روڪي ڇڏيو ۽ 11 مئي تي ٻڌڻي مقرر ڪري ڇڏي آھي.