ڪمشنر شهيد بينظيرآباد شهمير ڀٽو، ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ ۽ ٻين امتحاني سينٽرن جا دورا ڪيا
نوشهروفيروز(ڊ ر)گورنمينٽ بوائز ڊگري ڪاليج نوشهروفيروز/گورنمينٽ مهراڻ ڊگري ڪاليج مورو ۾ اعليٰ عملدارن امتحاني مرڪزن جو دورو ڪيو، ڪاپي مافيا خلاف ڪارروائيون تيز ڪيون ويون آهن. ڪمشنر شهيد بينظير آباد شهمير خان ڀٽو، ڊي آءِ جي فيصل بشير ميمڻ، ڊپٽي ڪمشنر نوشهروفيروز محمد ارسلان سليم، اسسٽنٽ ڪمشنر مورو مستقيم قریشی ، ايس ايس پي نوشهروفيروز مير روحل خان کوسو، اي سي نوشهروفيروز عثمان عارف، ڊي ايس پي مورو فائزه سوڍر ۽ ٻيا آفيسر موجود ھئا نوشهروفيروز ۽ مورو م يارهين ۽ ٻارهين درجي جي سالياني امتحانن جي مختلف مرڪزن جو اوچتو دورو ڪيو. دوري دوران امتحاني عمل جو جائزو ورتو ويو ۽ شفافيت کي يقيني بڻائڻ لاءِ سخت قدم کنيا ويا. اختيارين ڪاپي مافيا خلاف زيرو ٽالرنس پاليسي اختيار ڪندي واٽس ايپ گروپن جي ايڊمن ۽ موبائل فون ذريعي ڪاپي ۾ ملوث ماڻهن خلاف ايف آءِ آر درج ڪرڻ جو حڪم ڏنو، جنهن تي فوري طور تي عمل به ڪيو ويو. آفيسرن مختلف امتحاني مرڪزن تي انتظامن کي اطمينان بخش قرار ڏنو ۽ چيو ته مورو ۾ امتحان منظم ۽ سٺي انداز ۾ هلي رهيا آهن. انهن لاڳاپيل عملي کي هدايت ڪئي ته امتحاني عمل کي هر وقت شفاف ۽ ميرٽ تي ٻڌل بڻايو وڃي. پر ان کي يقيني بڻايو وڃي ته جيئن شاگردن کي منصفانه ماحول فراهم ڪري سگهجي.
0 تبصرے