موهن جو دڙو ڀرسان پرائمري اسڪول ۾ ڪتاب وريا ويا

پ پ اڳواڻ علي ڏنو گاڏهي پرائمري اسڪول فيض محمد کوکر پهتو

موهن جو دڙو ڀرسان پرائمري اسڪول ۾ ڪتاب وريا ويا

ڏوڪري ( اطهر ميمڻ) پاڪستان پيپلزپارٽي تعلقي ڏوڪري جي مخلص متحرڪ جنرل سيڪريٽري ميمبر ضلع ڪائونسل لاڙڪاڻو ايڊووڪيٽ علي ڏنو خان گاڏھي موهن جو دڙو ڀرسان ڳوٺ فيض محمد کوکر ۾ پھچي گورنمينٽ پرائمري اسڪول فيض محمد کوکر جي ھيڊ ماستر استاد معشوق علي عالماڻي جي ميزباني ۾ شاگردن ۾ مفت ڪتاب تقسيم ڪيا ويا.جڏھن ته استادن طرفان آيل مهمانن جو شاندار استقبال ڪيو ۽ گلن جا ھار پارايا.ان موقعي تي علي ڏنو گاڏھي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھي معصوم گلن جھڙا ٻار مستقبل جا معمار آهن الله پاڪ ھنن معصومن کي ڪامياب ڪندو.هن چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي سنڌ گورنمينٽ طرفان بھترين قدم کنيو آھي جيڪو شاگردن ۾ مفت تعليم ۽ ڪتاب تقسيم ڪيا آهن.ان موقعي تي غلام محمد ڏيرو،حبيب الله عالماڻي، الله وسايو کوکر، استاد الله بخش ٻگھيو، نجف علي سرگاڻي، نثار احمد جتوئي،اياز حسين جت،ذيشان علي ميمڻ، استاد محمد جمن جلباڻي،استاد مينگل خان بِھڻ، استاد محمد علي سومرو، استاد الله يار قاضي، محمد عظيم کوکر، قادر بخش گاڏھي برڪت علي چنو ۽ ٻيا موجود هيا.