ٺٽو (ڊ ر)جنگشاهي لڳ ڳوٺ پير محمد گجڻ جو آر او (RO) پلانٽ ڪافي عرصي کان بند هجڻ سبب ڳوٺاڻن کي سخت تڪليفن کي منهن ڏيڻو پهجي رهيو آهي. علائقي واسين ميڊيا سان ڳالائيندي چيو آهي اسان جي پاڻي جو واحد ذريعو هڪ آر او پلانٽ هو پر اهو به بند هجڻ ڪري پاڻي جي ڦڙي ڦڙي لاء ترسي رهيا آهيون هڪ طرف اسان جو ڳوٺ شهر کان پري آهي، جتي بنيادي سهولتون اڳ ئي محدود آهن، ته ٻي طرف صاف پاڻي جي کوٽ اسان جو روزمره جي زندگي کي وڌيڪ ڏکيو بڻائي ڇڏيو آهي. ڳوٺاڻن موجب پيئڻ جو صاف پاڻي نه هئڻ ڪري هو مجبورن يا ته پري علائقن ڏانهن وڃن ٿا يا غير محفوظ پاڻي استعمال ڪن ٿا، جنهن سان بيمارين جو خطرو وڌي رهيو آهي. هنن لاڳاپيل اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته جلد کان جلد آر او پلانٽ کي بحال ڪيو وڃي ته جيئن سندن تڪليف ختم ٿي سگهي. علائقي واسين وڌيڪ چيو ته هن مسئلي تي فوري ڌيان ڏنو وڃي ته جيئن ڳوٺاڻن جي پريشاني ختم ٿئي
0 تبصرے