19سڃاتل ۽ 5 کان 6 اڻسڃاتل جوابدارن خلاف دهشتگردي ايڪٽ تحت سرڪار جي مدعيت ۾ ڪيس داخل
سجاول(رپورٽر) رات دير سان سجاول شهر ۾ آمڙا ۽ لوھار برادري جي وچ ۾ جھيڙو ٿيڻ 2 ڄڻا سخت زخمي ٿي جڏهن ته جھيڙي بعد نامعلوم موٽرسائيڪل سوران شھر جي مامون لاڏو چوڪ کن پبلڪ پارڪ تائين فائرنگ ڪندا رھيا فائرنگ جي شھرين پاران پنهنجو ڪاروبار بند ڪري ڇڏيو شھري خوف ۽ حراس ۾ اچي ويا اھڙو اطلاع سجاول پوليس کي ملندي ڊي ايس پي سجاول ايس ايڇ او سجاول پوليس علمي سميت واقع واري ھنڌ پھچي تفصيل معلوم ڪيا ۽ امن امان کي برقرار رکڻ لاء شھري جا ڪاروبار کولرائي ڇڏيا پوليس جو چوڻ ھو ته واقع ۾ ملوث جوابدارن خلاف فوري طور تي ڪاروائي ڪئي ويندي سجاول پوليس امن امان کي برقرار ڪرائڻ بعد رات دير سان شھر ۾ ٿيل جھيڙي ۾ ملوث جوابدارن خلاف دهشت گردي ايڪٽ تحت 19 ڄاتل ۽ 5 کان 6 نامعلوم سميت 25 ڄڻن تي سرڪار جي فرياد تي دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ڪيس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سرعام هٿيارن جي نمائش ڪري فائرنگ ڪندڙن جوابدارن خلاف سرڪار جي فرياد سب انسپيڪٽر غلام شبير جي مدعيت ۾ سجاول پوليس ڪيس داخل ڪري ڇڏي پوليس موجب آمڙا برادري ۽ لوھار برادري جي ماڻهن جو پاڻ ۾ ٺاھ نه ھجڻ ڪري شھر ۾ جھيڙو ٿيو آهي پوليس جو چوڻ ھو ته امن امان جي صورتحال کي خراب ڪندڙن سان ڪا به رعايت نه ڪئي ويندي فائرنگ سبب شهري ۾ خوف حراس رھيا ملوث جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن واقع جي ملوث جوابدارن کي جلد قانون جي گرفت ۾ آندو ويندو ۔
0 تبصرے