English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙهي ويو، ماءُ ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا زخمي
175 views
|
23rd Apr 2026
•
سنڌي خبرون
کڏڙو روڊ تي ميران اسٽاپ وٽ حادثي ۾ 3ورهين جي راڌيڪا ۽ سندس امڙ گلا ڪولهي ٿڏي تي فوت
سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ويجهو افسوسناڪ حادثو ماءُ ۽ 3 سالن جي ڌيءَ فوت، 3 ڄڻا سخت زخمي، سانگهڙ ويجهو کڏڙو روڊ تي ميران اسٽاپ وٽ تيل جي ٽينڪر ۽ رڪشا ڦٽي وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿيو، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ ئي خاندان جي ماءُ ۽ معصوم نياڻي فوت ٿي ويون، جڏهن ته ٻن ٻارڙن سميت ٽي ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا آهن. واقعي بابت مليل تفصيلن موجب، ڳوٺ سائين بخش رند جا رهواسي ڪولهي برادري جا ماڻهو رڪشا ڦٽي تي سوار ٿي وڃي رهيا هئا ته پويان ايندڙ تيز رفتار آئل ٽينڪر کين چيڀاٽي ڇڏيو. حادثي جي نتيجي ۾ مسمات گلا ڪولهي ۽ سندس 3 سالن جي معصوم ڌيءَ راديڪا ڪولهي موقعي تي ئي دم ڏئي ڇڏيو. معصوم دايا ڪولهي، جيتو ۽ رامون شديد زخمي ٿي پيا. علائقي واسين موجب، رڪشا ڦٽو ۽ آئل ٽينڪر ٻئي کڏڙو کان سانگهڙ طرف اچي رهيا هئا ته ميران اسٽاپ وٽ آئل ٽينڪر بي قابو ٿي رڪشا مٿان چڙهي ويو. حادثي بعد مقامي ماڻهن ۽ پوليس امدادي ڪارروايون ڪندي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي سول اسپتال سانگهڙ منتقل ڪيو، جتي زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي وڃي ٿي. واقعي کانپوءِ سڄي علائقي ۾ ڪهرام مچي ويو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڀ
سانگهڙ ويجهو آئل ٽينڪر رڪشا مٿان چڙ
0 تبصرے