English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گڏاپ: ڳوٺ راڌو جوکيو ۾ فري ميڊيڪل ڪيمپ قائم, 300 کان وڌيڪ مريضن کي چيڪ ڪري دوائون ڏنيون ويون
223 views
|
01st Mar 2026
•
سنڌي خبرون
ميڊيڪل ڪيمپ آغا خان اسپتال طرفان لڳائي وئي هئي
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) آغا خان يونيورسٽي اسپتال جي طرفان ڳوٺ راڌو جوکيو، گڏاپ ۾ فري ميڊيڪل ڪيمپ لڳائي وئي، جنهن دوران ٽي سئو کان وڌيڪ مريضن جو چيڪ اپ ڪيو ويو. ڪيمپ دوران مختلف بيمارين جي جاچ ڪئي وئي، جڏهن ته 20 مريضن ۾ ڪاري يرڪان (هيپاٽائٽس) جي تصديق ٿي. آغا خان ٽيم پاران اعلان ڪيو ويو ته متاثر مريضن جو علاج آغا خان يونيورسٽي اسپتال ۾ مڪمل طور مفت علاج ڪيو ويندو ۽ کين ضروري ٽيسٽون ۽ دوائون پڻ فراهم ڪيون وينديون.ڪيمپ جي موقعي تي عبدالحڪيم جوکيو، اقبال جوکيو، نياز احمد جوکيو، عيسيٰ جوکيو سميت ٻين ڳوٺاڻن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي سماجي اڳواڻ ايم زمان جوکيو آغا خان اسپتال جي انتظاميا جا ٿورا مڃيندي چيو ته اهڙيون ڪيمپس پٺتي پيل علائقن لاءِ وڏي سهائتا ثابت ٿين ٿيون.ڳوٺاڻن مطالبو ڪيو ته مستقبل ۾ به اهڙيون فري ميڊيڪل ڪيمپس منعقد ڪري علائقي واسين کي صحت جون سهولتون فراهم ڪيون وڃن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
300 کان وڌيڪ مريضن کي چيڪ ڪري دوائون ڏنيون ويون
ميڊيڪل ڪيمپ آغا خان اسپتال طرفان لڳائي وئي هئي
0 تبصرے