English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
سچ سوشل ويلفيئر پاران مستحق ماڻهن لاءِ راشن ۽ عيد جا ڪپڙا ورهائڻ جي تقريب منعقد
180 views
|
03rd Mar 2026
•
سنڌي خبرون
مزاحيه اداڪار علي گل ملاح پاڻ مستحق ماڻهن جي گهرن تائين وڃي راشن پهچايو ۽ انهن سان ملاقاتون ڪيون
ڪراچي (رپورٽر) سچ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن پاران هر سال جيان هن سال به غريب ۽ مستحق ماڻهن لاءِ راشن ۽ عيد جا ڪپڙا ورهائڻ جي تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن مان وڏي انگ ۾ ضرورت مند خاندانن فائدو حاصل ڪيو. هن نيڪ عمل جو مقصد مهانگائي جي هن دور ۾ غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ ۽ کين عيد جي خوشين ۾ شامل ڪرڻ آهي. هن فلاحي سرگرمي ۾ ايف آر ڊي پي پڻ ڀرپور سهڪار ڪيو ۽ ڏهه راشن جا پيڪيج فراهم ڪيا، جن ۾ روزمرهه جي استعمال جون شيون شامل هيون. منتظمين موجب اهڙا قدم مستقبل ۾ به جاري رکيا ويندا ته جيئن وڌيڪ کان وڌيڪ مستحق ماڻهن تائين مدد پهچائي سگهجي. ان موقعي تي ناليواري مزاحيه اداڪار علي گل ملاح پاڻ مستحق ماڻهن جي گهرن تائين وڃي راشن پهچايو ۽ انهن سان ملاقاتون ڪيون. هن چيو ته انسانيت جي خدمت اسان سڀني جي ذميواري آهي ۽ هو پنهنجي وس آهر هن مشن کي جاري رکندا. هن وڌيڪ چيو ته جيڪي ماڻهو هن مرحلي ۾ رهجي ويا آهن، انهن تائين به جلد راشن ۽ عيد جا ڪپڙا پهچايا ويندا. سچ سوشل ويلفيئر ايسوسيئيشن جي چيئرمين عبدالوهاب سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ادارو ڪيترن ئي سالن کان غريب ۽ مستحق ماڻهن جي خدمت ۾ مصروف آهي. هن چيو ته مخير ماڻهن جي سهڪار کانسواءِ اهڙا ڪم ممڪن ناهن، ۽ ان حوالي سان علي گل ملاح جو ڪردار ساراهه جوڳو آهي، جنهن نه صرف مالي پر عملي طور به حصو ورتو. هن وڌيڪ چيو ته اهڙيون فلاحی سرگرميون سماج ۾ ڀائيچاري، محبت ۽ ذميواري جي احساس کي وڌائين ٿيون، ۽ جيڪڏهن صاحبِ حيثيت ماڻهو اڳتي وڌي مدد ڪن ته غربت جي خاتمي ۾ وڏي مدد ملي سگهي ٿي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
سچ سوشل ويلفيئر پاران مستحق ماڻهن لاءِ راشن
مزاحيه اداڪار علي گل ملاح پاڻ مستحق
0 تبصرے