ڊي سي ٺٽو ۽ ايس ايس پي جي صدارت هيٺ يوم علي عه جي حوالي سان اجلاس

اجلاس ۾ حضرت علي عليه السلام جي يومِ شهادت جي موقعي تي سيڪيورٽي، صفائي ۽ ٻين انتظامن بابت غور

ڊي سي ٺٽو ۽ ايس ايس پي جي صدارت هيٺ يوم علي عه جي حوالي سان اجلاس

ٺٽو (شفيق ڀٽي)ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي گڏيل صدارت هيٺ حضرت علي عليه السلام جي يومِ شهادت جي موقعي تي سيڪيورٽي، صفائي ۽ ٻين انتظامن بابت ڊي سي آفيس مڪلي جي دربار هال ۾ اهم اجلاس منعقد ڪيو ويو. اجلاس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر شاڪر فهيم، رينجرز انسپيڪٽر اڪرم، صحت کاتي، پي پي ايڇ آءِ، ميونسپل، ٽائون، حيسڪو، بلڊنگز، ريسڪيو 1122 سميت لاڳاپيل ادارن جي آفيسرن ۽ شيعا علماءِ ڪائونسل جي اڳواڻن سيد جاويد شاهه حسيني، سيد عبدالحسين شاهه، سيد علي حسين شاهه، سيد طالب حسين شاهه، سيد نادر شاهه اميرخاني ۽ ٻين شرڪت ڪئي. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو چيو ته يومِ شهادت حضرت علي عليه السلام جي موقعي تي مذهبي هم آهنگي، رواداري ۽ ڀائيچاري جي فضا برقرار رکڻ لاءِ علماِ ڪرام پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪن ته جيئن مجلسون ۽ ماتمي جلوس پرامن نموني سان اختتام پذير ٿين. ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراڻي چيو ته ضلعو ٺٽو هميشه امن جو گهوارو رهيو آهي ۽ پوليس طرفان سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن، جڏهن ته رينجرز جا جوان به پوليس سان گڏ حفاظتي ڊيوٽي سرانجام ڏيندا. ڊپٽي ڪمشنر لاڳاپيل آفيسرن کي هدايت ڪئي ته شهرن ۾ صفائي، پيئڻ جي پاڻي جي فراهمي، ماتمي جلوسن جي رستن تي ميڊيڪل ڪيمپن ۽ ايمبولينسن جي موجودگي کي يقيني بڻايو وڃي. هن حيسڪو عملدارن کي پڻ هدايت ڪئي ته خاص طور رات جي وقت لوڊشيڊنگ کان پاسو ڪيو وڃي ۽ جلوسن جي رستن تي موجود بجلي جون تارون درست ڪيون وڃن. اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته سيڪيورٽي پلان تحت 601 پوليس آفيسر ۽ اهلڪار ڊيوٽي سرانجام ڏيندا. ايس ايس پي ۽ ڊپٽي ڪمشنر علماِ ڪرام تي زور ڏنو ته سماج ۾ قانون جي بالادستي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن ۽ سوشل ميڊيا تي نفرت انگيز يا دل آزاري واري مواد کان پاسو ڪيو وڃي، جڏهن ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ پوليس، رينجرز ۽ ضلعي انتظاميه گڏجي فليگ مارچ پڻ ڪندا.