English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
مورو ڀرسان ڳوٺ سردار خان لنڊ واسين جو احتجاج، طارق زرداري، شوڪت زرداري تي زمين تي قبضي جو الزام
142 views
|
09th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
11يارنهن ايڪڙ زرعي زمين تي بااثرن قبضو ڪيو آهي: امتياز لنڊ
مورو (جاني جماڻي) مورو ڀرسان ڳوٺ سردار خان لنڊ جي رهواسي عورتن مردن ۽ معصوم ٻارڙن سان گڏجي زرعي زمين تي قبضو ۽ سنگين نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون ڏيڻ واري عمل خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي جنھن جي اڳواڻي امتياز لنڊ، مسمات لال خاتون، ذيشان لنڊ ۽ ٻيا ڪري رھيا ھيا. ان موقعي ھنن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تہ اسان جي ساڍا يارنهن ايڪڙ زرعي زمين تي بااثر ماڻھون قبضو ڪري ويٺا آهن. هنن الزام لڳايو ته سندن زرعي زمين جو ڪيترائي سال اڳ وڏيري اصغر سولنگي فيصلو به ڪيو آهي جنهن موجب في ايڪڙ قيمت 20 لک رپيا مقرر ڪئي وئي هئي پر هن وقت تائين کين اها رقم ادا ناهي ڪئي وئي، ھنن وڌيڪ چيو تہ سندن زرعي زمين تي طارق زرداري، شوڪت زرداري جي قبضي هيٺ آهي تپيدار دين محمد سولنگي ۽ تپيدار اياز بھڻ مبينا طور ڪوڙا ڪاغذ ٺاهي قبضو ڪندڙن کي ڏنا آهن، جن جي بنياد تي قبضا ڪندڙن بئنڪ مان لون پڻ حاصل ڪيو آهي. هنن چيو ته اسان ڪافي دفعا اهڙيون شڪايتون ڪيون آهن پر انصاف ڪرڻ وارو ڪوئي ناهي ۽ اسان سخت پريشان آھيون ۽ سندن زمين تي ناجائز قبضو ڪيو ويو آهي هنن سنڌ جي صوبائي گهرو وزير ضياءَ الحسن لنجار، آءِ جي سنڌ پوليس ۽ سنڌ جي وڏي وزير مراد علی شاہ کان مطالبو ڪيو ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي کين انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ سندن زرعي زمين تان قبضو ختم ڪرايو وڃي ۽ ڪيل فيصلي مطابق اسان کي رقم ڏني نه ته ٻئي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ ڀرسان باھ متاثر خاندانن جي مالي سهائتا
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
مورو پوليس جي ڪارروائي، ھڪ ڄڻو گرفتار، چرس هٿ
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ شيخ برادري جو عورتن ۽ ٻارڙن سميت احتجاج
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سنڌ جي مختلف شهرن ۾ معرڪه حق جي حوالي سان ريليون ڪڍيون ويون
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
طارق زرداري، شوڪت زرداري تي زمين تي قبضي جو الزام
مورو ڀرسان ڳوٺ سردار خان لنڊ واسين ج
0 تبصرے