ڏوڪري(اطهر ميمڻ) پ پ پ ايم پي اي پي عادل الطاف حسین انڙ جي مان ۾ جلباڻي برادري جي معزز شخصيت زوار عبدالقادر جلباڻي ۽ پي پي اڳواڻ آغا خان جلباڻي طرفان جلباڻي ھائوس ڏوڪري ۾ افطار ڊنر جو پروگرام منعقد، جلباڻي برادري پاران آيل مھمانن جو شاندار استقبال ڪيو ويو، افطاري کان اول ايران، فلسطين سميت سموري دنيا ۾ رھندڙ مسلمانن لاءِ دعاء خير پڻ گھري وئي، جنھن بعد ايم پي اي عادل الطاف حسین انڙ افطار ڊنر ۾ ڳالهائيندي چيو ته جلباڻي برادري سان اسانجو پراڻو وڏن جو واسطو آھي ھن گھراڻي کي اسان ھميشه پنھنجو گھر سمجھيو آهي، ان موقعي تي چيئرمين ٽائون ڪاميٽي ڏوڪري عبدالحميد جيسر، رئيس مظفر چانڊيو، مير شڪيل بروھي، ذوالفقار جتوئي، زوھيب خان جتوئي، لياقت علي سومرو، حبيب الله کوکر، اياز خان جوڻيجو، سرائي بدرالدين ميتلو، سرائي قمرالدين ميتلو، رئيس فاروق جتوئي، چيئرمين جاويد سامٽيو، فدا حسين ابڙو، ڪميل خان جوڻيجو، سردارزاده ڪرم خان جوڻيجو، سيف الله سومرو، محراب خاصخيلي، ھمٿ علي جتوئي، علي دوست کوکر، صحبت علي جسڪاڻي، غلام قادر ميمڻ، محمد سليم واڍو، وقاص پٺاڻ، ظھير ٿھيم، ديدار علي شيخ، علي اصغر ميمڻ سميت ٻين معززين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
0 تبصرے