مھينو اڳ ڀائيٽي کان موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو ويو: خان محمد عرف ڏاڏو جيھو
شڪارپور(احسان ابڙو) شڪارپور لڳ ھمايون شريف ٿاڻي جي حد ڳوٺ محمد امين جيھو واسي خان محمد عرف ڏاڏو جيھو چورن جي آزار کان تنگ ٿي پريس ڪلب پھتو جتي ھن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو تہ ھڪ مھينو اڳ منھنجي ڀائيٽي کان ڳوٺ ويندي رستي مان پنج نامعلوم ھٿياربندن موٽرسائيڪل روڪ رقم ڦر ڪري فرار ٿي ويا اسان جي بروقت اطلاع تي پوليس پھچي ڦورون جو پيڇو ڪيو پوليس ٻن ڦورون ياسين بکراڻي ۽ نبي داد سندراڻي کي گرفتار ڪري مٿان ڦر جو ڪيس داخل ڪري ڇڏيو ھو بقايا 3 فرار چورن جي بہ سڃاڻپ انھن گرفتار چورن ڪئي,جن جا نالا نورحسن,الاھي بخش ۽ منير سڀ ذات جا بکراڻي آھن جن تي اسان ھمايون شريف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪرايو آھي,پوليس ھن وقت تائين نہ چور گرفتار ڪري سگھي آھي ۽ نہ وري موٽرسائيڪل ريڪور ڪرائي ڏني وئي آھي,ويتر چور موت مار ڌمڪيون ڏيئي رھيا آھن تہ ڪيس تان ھٿ کڻو اسان جا گرفتار ساٿي جيل مان آزاد ڪرايو ٻي صورت ۾ اوھان سان جھيڙو ڪنداسين,ھن آء جي سنڌ,ڊي آء جي لاڙڪاڻو سميت ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ کان مطالبو ڪندي گھر ڪئي تہ چورن خلاف ايڪشن ورتو وڃي ۽ اسان کي موٽرسائيڪل واپس ڪرائي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.
0 تبصرے