ٺٽي ۾ ڊي سي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران مختلف علائقن جا دورا

ترقياتي ڪم، بازارن ۾ اگهن ۽ مذهبي جلوسن جي روٽن جو جائزو ورتو ويو

ٺٽي ۾ ڊي سي جي هدايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران مختلف علائقن جا دورا

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاگت جي هدايتن تي ضلعي انتظاميا طرفان مختلف انتظامي ۽ عوامي معاملن بابت قدم کڻندي اسسٽنٽ ڪمشنرن پاران علائقن جا دورا ڪري جاري ترقياتي ڪم، بازارن ۾ اگهن ۽ مذهبي جلوسن جي روٽن جو جائزو ورتو ويو. ان سلسلي ۾ اسسٽنٽ ڪمشنر گهوڙاٻاري فراز احمد عباسي تعلقي گهوڙاٻاري ۾ تعمير هيٺ اسسٽنٽ ڪمشنر آفيس ۽ مختيارڪار آفيس جي عمارتن جو تفصيلي معائنو ڪيو. دوري دوران لاڳاپيل عملدارن ۽ انجنيئرن طرفان تعميراتي ڪم بابت بريفنگ ڏني وئي. اسسٽنٽ ڪمشنر تعميراتي معيار ۽ ڪم جي رفتار جو جائزو وٺندي هدايت ڪئي ته منصوبو مقرر وقت اندر مڪمل ڪرڻ سان گڏ تعمير جي معيار تي به ڪنهن به صورت سمجهوتو نه ڪيو وڃي، جيئن آفيسن جي مڪمل ٿيڻ سان سرڪاري ڪم ڪار ۾ سڌارو اچي ۽ عوام کي به بهتر سهولتون مهيا ٿي سگهن. ٻئي طرف اسسٽنٽ ڪمشنر گهوڙاٻاري فراز احمد عباسي علائقي جي مختلف بازارن ۽ دڪانن جو دورو ڪري ضرورت جي شين جي اگهن جو جائزو ورتو. هن سرڪاري اگھن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائڻ لاءِ دڪاندارن جي چڪاس ڪئي ۽ مقرر اگهن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ دڪاندارن تي ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيا. ان موقعي تي هن خبردار ڪيو ته سرڪاري ريٽ لسٽن موجب شيون وڪرو ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ خلاف ورزي ڪندڙن خلاف وڌيڪ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته عوام کي رليف فراهم ڪرڻ ضلعي انتظاميا جي ترجيح آهي ۽ ناجائز نفعي خوري هرگز برداشت نه ڪئي ويندي. ان کان علاوه اسسٽنٽ ڪمشنر ٺٽو شاڪر فهيم "يوم علي" جي جلوس جي روٽن جو پڻ معائنو ڪيو، جنهن دوران سي ايم او ميونسپل ڪميٽي ٺٽو ۽ شيعا ڪائونسل جا نمائندا پڻ موجود هئا. دوري دوران جلوس جي روٽ تي موجود ڪجهه انڪروچمينٽ فوري طور هٽائي وئي ته جيئن جلوس جي شرڪت ڪندڙن کي ڪا تڪليف پيش نه اچي. ان موقعي تي ميونسپل ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي ته جلوس جي روٽن تي صفائي سٿرائي جا خاص انتظام ڪيا وڃن ۽ صفائي لاءِ خصوصي ٽيمون مقرر ڪيون وڃن. اسسٽنٽ ڪمشنر چيو ته "يوم علي" جي جلوس جي پرامن ۽ منظم انعقاد لاءِ ضلعي انتظاميا طرفان سڀ ضروري قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن عزادارن کي بهتر سهولتون فراهم ٿي سگهن.