جسقم ضلعي صدر فيصل مستوئي، عزيز ڀنگوار، زين چانڊيو، حمزہ ڏاهري ۽ ٻين احتجاج ڪيو
نوشهروفيروز (ڊ ر) نوشهروفيروز ۾ جسقم پڊعيدن جي ڪارڪنن تي پوليس تشدد خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو جنهن جي اڳواڻي جسقم ضلعي صدر فيصل مستوئي، عزيز ڀنگوار، زين چانڊيو، حمزہ ڏاهري ۽ ٻيا ڪري رهيا هئا جن پوليس خلاف نعريبازي ڪئي ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته پڊعيدن پوليس جي بدمست ايس ايڇ او راجا نويد سرفراز بنا ڪنهن جواز جي اسان جي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري کين تشدد جو نشانو بڻايو جيڪو ظلم آهي هنن چيو ته سهيل پلھ، عمران چانڊيو جي گهرن تي پوليس چڙهائي ڪري چادر چوديواري جو تقدس پائمال ڪري کين بعد ۾ ڇڏيو جنهن عمل جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا هنن مطالبو ڪيو ته ايس ايڇ او پڊعيدن کي هٽايو وڃي جي نه ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو
0 تبصرے