ملير ڪينٽ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪري مغوي عامر ساجد پٽ محمد ساجد کي بازياب ڪرائي ورتو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) ملير جي مختلف ٿاڻن جي جاچ ٽيمن ڪارروائيون ڪندي مختلف ڪيسن ۾ ملوث ۽ گهربل جوابدارن کي گرفتار ڪري هڪ مغوي کي بازياب ڪرايو ۔ تفصيلن موجب ٿاڻو اسٽيل ٽائون جي جاچ ٽيم ڪيس نمبر 200/26 هيٺ دفعات 392/397/34 تعزيراتِ پاڪستان ۾ ملوث جوابدار خان محمد ولد الله بخش کي گرفتار ڪيو۔ساڳئي طرح ٿاڻو بن قاسم جي جاچ ٽيم ڪيس نمبر 46/26 هيٺ دفعات 392/397/34 تعزيراتِ پاڪستان ۾ گهربل جوابدار رضوان ولد نديم کي گرفتار ڪيو۔ٿاڻو ملير ڪينٽ جي جاچ ٽيم ڪيس نمبر 113/26 هيٺ دفعه 365 تعزيراتِ پاڪستان ۾ مغوي/گم ٿيل شخص عامر ساجد ولد محمد ساجد کي بازياب ڪرايو۔ ٻي ڪارروائي دوران ساڳئي ٿاڻي جي ٽيم ڪيس نمبر 125/25 هيٺ دفعات 147/148/149/504/324/337iA/34 تعزيراتِ پاڪستان ۾ نامزد جوابدار سيف الله ولد جميل خان کي گرفتار ڪيو۔ٿاڻو شرافی گوٺ جي جاچ ٽيم ڪيس نمبر 91/26 هيٺ دفعات 420/468/471/34 تعزيراتِ پاڪستان ۾ ملوث جوابدار نزاکت ولد اورنگزيب کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته ٻي ڪارروائي ۾ ڪيس نمبر 269/20 هيٺ دفعات 392/397/34 تعزيراتِ پاڪستان ۾ گهربل اشتهاري جوابدار نقيب خان ولد محمد ايوب کي پڻ گرفتار ڪيو ويو۔ ٿاڻو شاهه لطيف ٽائون جي جاچ ٽيم ڪيس نمبر 471/26 هيٺ دفعات 380/454/457/34 تعزيراتِ پاڪستان ۾ ملوث جوابدار اختر محمد ولد غلام محمد کي گرفتار ڪيو، جڏهن ته ٻي ڪارروائي ۾ ڪيس نمبر 344/26 هيٺ دفعه 8(i)A گٽڪا ماوا ايڪٽ تحت جوابدار گل حسن ولد پير بخش کي پڻ گرفتار ڪيو ويو۔ ٿاڻو سکھن جي جاچ ٽيم ڪيس نمبر 130/24 ۽ 136/24 هيٺ دفعات 392/397/34 تعزيراتِ پاڪستان ۾ گهربل اشتهاري جوابدار جميل ابڙو ولد الله رکيو کي گرفتار ڪيو۔جڏهن ته ٿاڻو ابراهيم حيدري جي جاچ ٽيم ڪيس نمبر 100/15 هيٺ دفعات 392/397/34 تعزيراتِ پاڪستان ۾ گهربل اشتهاري جوابدار نور حڪيم ولد سعود نور کي گرفتار ڪري ورتو۔ پوليس موجب بازياب ٿيل شخص کي بيان لاءِ مجاز عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو، جڏهن ته گرفتار جوابدارن خلاف قانوني ڪارروائي جاري آهي۔
0 تبصرے