English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ناميارو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما نويس صحافي -ماڻڪ ڪنگراڻي
358 views
|
11th Mar 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
گووي کوکر
جوهيءَ جي مٽيءَ جو ڪوهنور هيرو ماڻڪ ڪنگراڻي، نامياري شاعر، ڪھاڻيڪار، ڊراما نويس ۽ سينيئر صحافي طور ڄاتو سڃاتو وڃي ٿو. سندس لکيل ڪيترائي ڊراما ريڊيو پاڪستان ڪراچي ۽ حيدرآباد سان گڏ پاڪستان ٽيليويزن نيٽورڪ ڪراچي سان گڏ پرائيويٽ سنڌي ٽي وي چئنلز، سنڌ ٽي وي ۽ ڪي ٽي اين تان نشر ٿي چڪا آھن. ماڻڪ ڪنگراڻيءَ سومار خان ڪنگراڻي جي گهر ، (ڳوٺ حاجي ماڻڪ خان ڪنگراڻيءَ تعلقي جوهِي ضلعي دادو) 26 مارچ 1978ع تي جنم ورتو. هو نامـور ڪـهاڻيڪـار، ڊرامانگار، شاعر ۽ محقق، عزيز ڪنگراڻيءَ جو ننڍو ڀاءُ هو. ھن پرائمري تعليم ڀر واري ڳوٺ گل محمد گنب جي پرائمري اسڪول مان 1990ع ڌاري حاصل ڪئي. ميٽرڪ گورنمينٽ ھاءِ اسڪول جوھي مان 1995ع ۾ ۽ انٽر جر ڊگري 1997ع ۾ گورنمينٽ ڊگري ڪاليج جوھي مان ورتي. جڏهن ته بي.اي استاد بخاري ڊگري ڪاليج دادو ۽ ايم.اي سنڌ يونيورسٽي ڄامشورو مان ڪيائين. ماڻڪ ڪنگراڻيءَ لکڻ جي شروعات 1993ع کان ڪھاڻيوڻ لکڻ سان ڪئي، سندس پھرين ٻارن لاءِ ڪھاڻي “رمونءَ جي عيد” روزاني ”عوامي آواز“ ڪراچي ۾ ڇپي. ان کان پوءِ ٻارن لاءِ توڙي ٻيون ڪھاڻيون، مضمون ۽ شاعري روزاني اخبارن ۽ مختلف رسالن ۾ شايع ٿيڻ لڳي. 1997ع ڌاري حيدرآباد مان روزاني ”ڪاوش“ کان صحافتي سفر جي شروعات ڪيائين. ان ئي دور ۾ ريڊيو تي 2003ع کان ڊراما لکڻ جي شروعات ڪيائين. سندس لکيل ڊراما ريڊيو پاڪستان حيدرآباد ۽ ڪراچيءَ تان نشر ٿيا. جڏهن تہ سنڌي اردو ڊراما پاڪستان ٽيليوزن ڪراچي، ڪي ٽي اين ۽ سنڌ ٽي وي سميت سمورن نجي چينلن تان ٽيليڪاسٽ ٿيندا رهيا. کيس سٺي ڊراما نگار جي مڃتا طور ڪي ٽي اين KTN پاران 2005 ۾ ۽ پي ٽي وي PTV پاران 2009 ۾ ايوارڊن سان نوازيو ويو. سندس اردو ڊرامو ”بدلتا ھي رنگ“ ۽ سنڌي ڊرامو ريشمي ڏور، اڌورو خواب، رڻ ۾ رات ٺري. کاٽ، مياڻ ، وياج، کوٽو سڪو ۽ اکرڀور ذڪر لائق ڊراما آھن. صحافي طور روزاني ڪاوش حيدر آباد، ڪوشش حيدر آباد، سنڌو حيدر آباد، تعمير سنڌ، روزاني واڪا ڪراچي، جيجل ڪراچي، روزاني امت ڪراچي، اوصاف، پاڪ، ھلال پاڪستان، عوامي آواز ڪراچي، ڪي ٽي اين ڪراچي، سنڌ ٽي وي ڪراچي، مھراڻ ٽي وي ۽ اردو اخبارن ۾ رپورٽر، سب ايڊيٽر، اسڪرپٽ ايڊيٽر طور ڪم ڪري چڪو هو. پي ٽي وي سينٽر ڪراچي تان سندس آن ايئر سيريلن ۾ ريشمي ڏور، بي نشان، اردو ۾ بدلتي ھين رنگ ۽ ٻيون شامل آھن. ماڻڪ ڪنگراڻي جي ڇپيل ڪتابن ۾ ” ڀڳت ڪبير جي شاعري، فن ۽ فلسفو“ (2000ع )، ”ردي پنا“ (ڪھاڻيون) 2007ع ۽ ”ستين آسمان جا فرشتا“ (ڪھاڻيون) نومبر 2014ع شامل آهن. ماڻڪ ڪنگراڻي 21 مارچ 2025ع تي دل جو دورو پوڻ سبب ڪراچيءَ ۾ لاڏاڻو ڪري وڃي اباڻي ڳوٺ ۾ خاڪ نشين ٿيو.
1
تبصرے
1 month ago
Muharram Ali
ڪي جو ڪڍيائون پار ڏکيء ڏونگـر پاڻ ۾ سڻي سا تنوار مرون پيا مامري
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
پ پ ۾ شامل ٿيڻ جو فيصلو ناهي ڪيو، بلاول ڀٽو زرداري ۽ آصف زرداري سان ملاقاتون نج خانداني معاملن تي ٿيون هيون: اڳوڻو ايم پي اي امير بخش ڀٽو
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
سجاول ۾ سجاول ۾ آگاهي سيمينار ۽ ميڊيڪل اسڪريننگ ڪيمپ لڳائي وئي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
گلشن حديد فيز ون ۾ هٿياربندن جي سونارڪي دڪان تان ڦر، دڪان مالڪ زخمي
06th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: رينجرز جي ڪارروائي، لالو گروھ جا 2 جوابدار گرفتار
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ماڻڪ ڪنگراڻي
ناميارو شاعر، ڪهاڻيڪار، ڊراما ن
گووي کوکر
1 تبصرے
Muharram Ali