English
نوکریاں
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ ڍاٽ جي راڻا پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي سالگرھ ملهائي وئي
60 views
|
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
راڻا ھائوس تي مک تقريب منعقد ڪري ڪيڪ ڪاٽيو ويو، سياسي سماجي ڌرين ۽ وڪيلن جي به شرڪت
عمرڪوٽ(رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر)ڍاٽ جي راڻا پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي 69 ھين سالگرھ جي موقعي تي راڻا ھائوس عمرڪوٽ تي مک تقريب منعقد ڪري ڪيڪ ڪاٽي سالگرھ ملھائي ويئي، سياسي سماجي حلقن، وڪيلن، استادن، واپارين مختلف برادرين جي معززين جي وڏي انگ ۾ شرڪت، لوڪ فنڪاره مائي ڍائي سرن جي ورکا ڪندي تقريب جي رونق وڌائي ڇڏي، نوجوانن طرفان ڊانڊيا ڊانس ڪندي جُمھريون. خبر موجب ڍاٽ جي راڻا پ پ ايم پي اي راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي 69 ھين سالگرھ جي موقعي تي مک تقريب راڻا ھائوس عمرڪوٽ تي ڪوٺائي ويئي تقريب ۾ راڻا ھمير سنگھ سوڍو جي چاھيندڙ طرفان ڪيڪ ڪاٽي سالگرھ جون خوشيون ملھايون ويون جنھن ۾ عمرڪوٽ جي سياسي سماجي حلقن، وڪيلن، استادن، واپارين سميت شھر جي مختلف برادرين جي آيل معززين مھراج چيتن جوشي، ڪنول موھن لال رتناڻي، گوتم سنگراسي، ڪنيا موھن لال رتناڻي، وڪيل ڀورا لال ڀيل، ابراھيم بجير، مشتاق رند، بنسي مالھي، مکي سروپ مالھي، ڌرمداس نرڀاڻي، عالمگير ٻلال، چترو مل پرمار، وڪيل ڪيلاش ڪولھي، اتم سنگراسي، ڦرسو مل مالھي، ڪامريڊ يوسف نھڙي، عبدالله کوسو، ڪرشن بجير، عيدل ڪنڀر، سنتوش ڪمار ڪالاڻي، مشتاق راٺوڙ، پامسٽ ڀڳوانداس جٽيه، شنڪر لال جٽيه، وجيش رائيسنگاڻي سميت ٻين شريڪ ٿي سالگرھ جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ تقريب دوران راڻا همير سنگهه سوڍو جي سياسي، سماجي ۽ فلاحي خدمتن تي کيس لفظي ڀيٽا پيش ڪئي ويئي تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته راڻا همير سنگهه سوڍو هميشه پنهنجي علائقي جي ترقي، عوامي مسئلن جي حل ۽ اقليتي برادري جي حقن لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي راڻا ھمير سنگھ سوڍو جون ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ ضلعي جي عوام لاء تمام گھڻيون خدمتون آھن ۽ پاڻ ھميشه بنا ڪنھن فرق جي ھر ماڻھو جي مسئلي کي حل ڪرائڻ لاء ڪوششون ورتيون آھن سنڌ حڪومت کان ٿرپارڪر ۽ عمرڪوٽ جي ماڻھن جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرائڻ توڙي ترقياتي ڪمن، تعليم، صحت لاء جون سھولتون فراھم ڪرڻ لاء ڪردار ادا ڪيو آھي جيڪو انتھائي ساراھ جوڳو عمل آھي تقريب ۾ مقامي اڳواڻن، سماجي شخصيتن ۽ ڪارڪنن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪري راڻا همير سنگهه سوڍو سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو ته سندس قيادت ۾ علائقي جي ترقي ۽ خوشحالي لاءِ گڏجي ڪم ڪندا سندس سياسي جدوجهد ۽ عوام سان ويجهڙائپ سبب هو عوام جي دلين ۾ خاص مقام رکي ٿو کيس مبارڪون پيش ڪندي اڳواڻن مالڪ کان پراٿنا ڪئي ته کيس ڊگهي ڄمار ڏي ۽ هو اڳتي به علائقي جي ترقي ۽ عوام جي خدمت لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندو رهي سالگرھ تقريب ۾ سنڌ نامياري لوڪ فنڪارا مائي ڍائي طرفان پڻ سُرن جي ورکا ڪري تقريب کي چار چنڊ لڳائي ڇڏيا ۽ نوجوانن طرفان ڊانڊيا ڊانس ڪري جمھريون ھنيون ويون
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
سندھ میں بارشوں کا سلسلہ، مختلف اضلاع میں نظامِ زندگی متاثر
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کهيبر کے قریب تیز رفتاری کی وجہ سے کوچ الٹ گیا، 4 افراد جاں بحق اور 10 زخمی
19th Mar 2026
•
تازہ ترین
کراچی میں بارش، حادثات اور مختلف واقعات میں 19 افراد جاں بحق، 50 سے زائد زخمی
19th Mar 2026
•
سندھ
گھوٹکی: جاگیرانی اور لولائی برادری کے درمیان جھگڑے میں 2 افراد جاں بحق، 2 زخمی
19th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
نوشهروفيروز ۾ سمائل ويلفيئر فاؤنڊيشن طرفان 400 کان وڌيڪ ٻارن کي مفت عيد شاپنگ ڪرائي وئي
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ ڍاٽ جي راڻا پ پ ايم پي اي راڻا
0 تبصرے