English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
گهارو ڀرسان قتل ٿيل نوجوان واري واقعي جو جوابدار گرفتار، ڏوهه جو اعتراف
190 views
|
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
جوابدار راج وير ولد راجيش هريجن کي گرفتار ڪري ورتو آهي جنهن ڏوهه باسيو آهي: پوليس
ٺٽو (ڊ ر)گهارو ڀرسان فلٽر پلانٽ واري علائقي ۾ پيش آيل غير مسلم نياڻي جي قتل واري سنسني خيز واقعي کي ٺٽه پوليس رڳو 24 ڪلاڪن اندر ٽريس ڪري مبينا جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. پوليس موجب 10 ۽ 11 مارچ 2026 جي وچ واري رات فلٽر پلانٽ گهارو ڀرسان جبل واري هنڌ تي نامعلوم جوابدار هڪ نوجوان عورت کي قتل ڪري فرار ٿي ويو هو. مقتولا جي سڃاڻپ چيتنا ڌي پريم چند هريجن طور ٿي، جيڪا ڪراچي جي ڪينٽونمينٽ بورڊ صدر علائقي جي رهواسي ٻڌائي وڃي ٿي ۽ سندس عمر لڳ ڀڳ 22 کان 24 سال ٻڌائي پئي وڃي. واقعي جي اطلاع تي پوليس فوري طور موقعي تي پهچي لاش تحويل ۾ وٺي قانوني ڪارروائي بعد پوسٽ مارٽم لاءِ رورل هيلٿ سينٽر گهارو منتقل ڪيو. مقتولا جي مامي روي ڪمار هريجن جي فرياد تي ٿاڻو ڌاٻيجي تي قلم 302، 311 ۽ 34 تعزيرات پاڪستان تحت ڪيس نمبر 39/2026 داخل ڪيو ويو. ان واقعي جو سخت نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ٺٽو فاروق احمد بجاراني واقعي واري هنڌ جو دورو ڪيو ۽ سينيئر آفيسرن تي ٻڌل خاص ٽيم جوڙي، جنهن ۾ ڊي ايس پي ساڪرو شهزاد سومرو، ايس ايڇ او ڌاٻيجي مبين پرهياڙ ۽ ايس ايڇ او گهارو محمد علي ڊامرا شامل هئا. پوليس ٽيم جديد طريقي سان جاچ ڪندي رڳو 24 ڪلاڪن اندر بلائنڊ مرڊر ڪيس کي ٽريس ڪري جوابدار راج وير ولد راجيش هريجن کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب ابتدائي جاچ دوران جوابدار ڏوهه جو اعتراف پڻ ڪري ورتو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي. ايس ايس پي ٺٽو ڪامياب ڪارروائي تي پوليس ٽيم کي شاباش ڏيندي سندن حوصلا افزائي لاءِ تعريفي اسناد ڏيڻ جو اعلان پڻ ڪيو آهي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
گهارو ڀرسان قتل ٿيل نوجوان واري واقعي
0 تبصرے