English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
شاهه لطيف ٽائون واسڻ عورت جو ٿاڻي اڳيان احتجاج جو نوٽيس, ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
224 views
|
12th Mar 2026
•
سنڌي خبرون
عورت مبينا طور وڪيل طرفان تشدد ڪرڻ ۽ ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو هو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سوشل ميڊيا تي شاهه لطيف ٽائون جي هڪ رهواسي عورت پاران مبينا طور هڪ وڪيل طرفان تشدد ڪرڻ ۽ ٿاڻي ۾ ڪيس داخل نه ڪرڻ خلاف ٿاڻي اڳيان احتجاج واري معاملي جو ايس ايس پي انويسٽيگيشن ضلع ملير فوري نوٽيس ورتو آهي۔ترجمان موجب اطلاع ملندي ئي ايس ايس پي انويسٽيگيشن ملير ٿاڻو شاهه لطيف ٽائون جي انچارج کي هدايتون جاري ڪيون ته واقعي ۾ ملوث شخص خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔ان کان علاوه ٿاڻو شاهه لطيف ٽائون جي جاچ آفيسر خلاف به کاتي اندر ڪارروائي جو آغاز ڪندي کيس شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي۔پوليس اختيارين موجب متاثر خاندان سان رابطو ڪري سندن خدشن کي دور ڪرڻ جي به خاطري ڪرائي وئي آهي۔معاملي جي شفاف ۽ غير جانبدار جاچ لاءِ ڊي ايس پي انويسٽيگيشن ملير سٽي کي انڪوائري آفيسر مقرر ڪيو ويو آهي۔ کيس هدايت ڪئي وئي آهي ته معاملي جي مڪمل ۽ غير جانبدار جاچ ڪري سمورا حقيقتون سامهون آنديون وڃن۔پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته ڪو به پوليس آفيسر قانون کان مٿانهون ناهي، جيڪڏهن ڪنهن به قانون جو غلط استعمال ڪيو ته ان خلاف سخت کاتيوار ڪارروائي ڪئي ويندي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ايس ايس پي انويسٽيگيشن اڻ ڌري جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
0 تبصرے