صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ پاران حليم باغي سان سندس طبيعت متعلق معلومات ورتي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ثقافت سياحت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ جو نالي واري شاعر حليم باغي سان فون تي رابطو، ثقافت کاتي جي صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ حليم باغي کي سندس جنم ڏينھن تي واڌايون ڏنيون، صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ پاران حليم باغي سان سندس طبيعت متعلق معلومات ورتي، حليم باغي جي جنم ڏينھن تي سندس لاء نيڪ تمنائن جو اظھار ڪيو حليم باغي جي صحتيابي لاء سيد ذوالفقار علي شاھ پاران نيڪ خواھشن جو اظھار پڻ ڪيو ويو، سيد ذوالفقار علي شاھ۔جو چوڻ هو ته حليم باغي سنڌ جو ارڏو ۽ انقلابي شاعر، سنڌ جو اثاثو آھي، حليم باغي پنهنجي شاعري ذريعي سماجي مسئلن ۽ عوامي احساسن کي اجاگر ڪيو آهي، باغي جي شاعري ۾ سنڌ ڌرتي، ماڻهن جي ڏکن سکن ۽ ثقافتي سڃاڻپ جو ذڪر ملي ٿو، سنڌ حڪومت ثقافت کاتو حليم باغي سان پنھنجو سھڪار جاري رکندو،
0 تبصرے