افغانستان کي دھشتگردن جي پناھ گاھ بڻايو ويو آھي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ لکين غير قانوني افغاني موجود آھن: اياز لطيف پليجو

اياز لطيف پليجي پاران افغانستان مان پاڪستان تي ڊرون حملن جي سخت مذمت

افغانستان کي دھشتگردن جي پناھ گاھ بڻايو ويو آھي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ لکين غير قانوني افغاني موجود آھن: اياز لطيف پليجو

حيدرآباد(بيورو)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي افغانستان مان پاڪستان تي ڊرون حملن جي مذمت ڪندي چيو آھي تہ افغانستان کي دھشتگردن جي پناھ گاھ بنايو ويو آھي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ لکين غير قانوني افغاني موجود آھن، غير قانوني افغانين کي مڪمل نيڪالي ڏيڻ تائين دھشتگردي جو خطرو موجود آھي، انڪري سنڌ سميت سڄي ملڪ مان غير قانوني افغاني واپس ڪيا وڃن. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ اسرائيل ۽ آمريڪا جي جنگي جارحيت سڄي دنيا کي خطري ۾ وجھي ڇڏيو آھي. معصوم ٻارن سميت لکين انسان قتل ٿي چڪا آھن. اياز لطيف پليجي چيو تہ اقوام متحده جي خاموشي ۽ ان جو غير فعال ڪردار انتھائي افسوسناڪ آھي. جنگي قانون جي ڀڃڪڙي ڪري عام شھرين، اسڪولن، معصوم ٻارن ۽ عورتن کي نشانو بنايو پيو وڃي. اقوام متحده امن جي بحالي ۽ جنگبندي لاءِ اڳيان اچي. سمورن ملڪن جي خودمختياري جو احترام ڪيو وڃي. جيو ۽ جيئڻ ڏيو جي اصول تحت ھڪٻئي سان تعلقات جوڙيا وڃن. طاقت کي ٻين ملڪن ۽ ماڻھن لاءِ عذاب نہ بنايو وڃي. جنگيون پٿر جي دور جا حيواني ۽ وحشتناڪ رويا آھن. دنيا کي جنگين نہ پر امن جي ضرورت آھي. اياز لطيف پليجي چيو تہ سائنس ذريعي نيون نيون تحقيقون ڪري انسانيت لاءِ ڪم ڪيو وڃي. جنگين، ھٿيارن ۽ صنعتي آلودگي سڄي دنيا جي ماحول کي جھنم بنائي ڇڏيو آھي. صاف پاڻي ناھي. وڻ ناھن. ماحولي آلودگي وڏو چئلينج بڻيل آھي. پاڪستان سميت سڄي دنيا جا ملڪ ۽ اقوام متحده ان تي ڪم ڪن. دنيا کي امن جو گھر ۽ خوبصورت گلدستو بنايو وڃي.