شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بي آءِ ايس پي سينٽر توڙي دڪانن تي مستحق عورتن جي پيهه
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) ڪنري ۾ بسپ جي رقم جي ورڇ جو سلسلو جاري، عورتن جي پيھ، ڪٽوتي جي شڪايتن تي انتظاميا جا ڇاپا، ڊوائيزون ظبط. خبر موجب ڪنري شھر ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام تحت مستحق عورتن کي في عورت 14500 روپين جي وظيفي جي ورڇ جو سلسلو جاري آھي، ڊوائيز هولڊرن جي دڪانن تي عورتن جي رش لڳل رهي ٿي، مستحق عورتن کي ملندڙ رقم مان ڪٽوتي جي شڪايتن تي اسسٽنٽ ڪمشنر محمد خان ڀنگوار پوليس سان گڏ شھر ۽ بسپ جي رقم ورڇ ڪندڙ دڪانن تي ڇاپا ھنيا، ڪاروائي دوران اي سي هولڊرن جون ڊوائيزون ظبط ڪري ڇڏيون، مستحق عورتن پاران انتظاميا آڏو شڪايتون ڪيون ته سندس وظيفي مان غير قانوني طور تي ڪٽوتي ڪئي پئي وڃي جيڪا سراسر ناجائزي آھي، جنھن بعد اي سي پاران دڪانن تي آيل عورتن کي پاڻ رقم وٺرائي ڏني جڏھن ته ڊوائيز هولڊرن کي رقم مان ڪٽوتي نه ڪرڻ ۽ سهولتون فراھم جون هدايتون ڪندي اي سي چيو ته ڪنري تعلقي ۾ ڊوائيز هولڊرن پاران مختلف دڪانن تي رقم جي ورڇ ڪئي پئي وڃي، رقم مان ڪوبه ڪٽوتي ڪرڻ نه ڏيندس ۽ ڪٽوتي ڪندڙن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.
0 تبصرے