English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سڏ تي برطانيا جي شهر براڊ فورڊ ۾ تقريب منعقد
124 views
|
19th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڪامريڊ ڪومل بجاراڻي لغاري ڳوٺ جي شهيدن ۽ انهن مٿان سرڪاري ٽولي پاران ڪيل ظلمن، جبر ۽ بربريت تي تفصيلي روشني وڌي
نوشهروفيروز(ڊ ر)ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي سڏ تي برطانيا جي شهر براڊ فورڊ ۾ سنڌ جي قومي شهيدن ۽ سورمن کي ڀيٽا پيش ڪرڻ لاءِ هڪ تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ برطانيا جي مختلف شهرن مان وڏي انگ ۾ سنڌين پنهنجن ڪٽنبن سميت شرڪت ڪئي۔ پروگرام جي ميزباني گل سنائي پُرجوش انداز ۾ سرانجام ڏني۔ سڄي تقريب قومي جذبن، آزاديءَ جي ولولي ۽ شهيدن جي ياد سان سرشار رهي۔ پروگرام جي شروعات سڄڻ چنا، فقير محمد لاشاري ۽ شاهد چنا انقلابي گيتن سان ڪئي، جنهن کان پوءِ سڄو هال قومي نعريبازي ۽ جذبي سان گونجي اٿيو۔ تقريب دوران ڪامريڊ ڪومل بجاراڻي پنهنجي خطاب ۾ لغاري ڳوٺ جي شهيدن ۽ انهن مٿان سرڪاري ٽولي پاران ڪيل ظلمن، جبر ۽ بربريت تي تفصيلي روشني وڌي۔ هن چيو ته سنڌ جي ڌرتي مسلسل رياستي ڏاڍ، ناانصافين ۽ قومي استحصال کي منهن ڏئي رهي آهي، پر سنڌ جا باشعور ۽ مزاحمتي ماڻهو پنهنجي قومي حقن، سڃاڻپ ۽ آزاديءَ جي جدوجهد تان هرگز هٿ نه کڻندا۔ شهيد سرائي قربان کهاوڙ جي فرزند شير کهاوڙ پنهنجي وڊيو پيغام ۾ چيو ته شهيد بابا هميشه چوندو هو ته پارٽي ۽ ان جا ڪارڪن منهنجي ذات کان وڌيڪ اهم آهن، ڇو ته انهن جو اسان تي اعتماد ۽ ويساهه آهي۔ جيڪڏهن خوشحال، باوقار ۽ آزاد سنڌ لاءِ اسان کي پنهنجي جانين جون قربانيون به ڏيڻيون پيون ته اسان ڪنهن به قرباني کان پوئتي نه هٽنداسين۔ پهرئين نشست ۾ ننڍڙن ٻارن حماد وڌيو، طلحا رند ۽ حسنين جروار قومي شهيدن جي عظيم قربانين تي تقريرون ڪندي کين ڀرپور خراجِ عقيدت پيش ڪيو۔ ٻي نشست ۾ ڊاڪٽر هدايت ڀٽو، سورٺ ڪلپنا، ڊاڪٽر عالم محسود، زرقا بلوچ خطاب ڪندي سنڌ جي موجوده سياسي، سماجي ۽ قومي صورتحال تي سخت ڳڻتي ظاهر ڪئي۔ مقررين چيو ته سنڌ کي درپيش مسئلن جو حل قومي ٻڌي، شعور ۽ گڏيل جدوجهد ۾ موجود آهي۔ ٽئين سيشن ۾ نامياري دانشور ڊاڪٽر نصير دستي چيو ته سنڌ صدين کان پنهنجي وجود، سڃاڻپ ۽ بقا جي جنگ وڙهندي پئي اچي ۽ وڙھندي رھندي۔ حفيظان وڌيو چيو ته جيستائين سنڌ جي قومي جدوجهد ۾ عورتن جي ڀرپور شموليت يقيني نه بڻبي، تيستائين آزادي ۽ خوشحالي جو خواب ساڀيان نه ٿيندو۔ پي ٽي ايم اڳواڻ ايڊوڪيٽ طارق يوسفزئي چيو ته پشتون ۽ سنڌي قومون تاريخي طور ظلم خلاف گڏ بيٺيون آهن، ۽ هيءَ ڀائپي، اتحاد ۽ مزاحمت جو رشتو مستقبل ۾ به جاري رهندو۔ بلوچ نيشنل موومينٽ جي اڳواڻ منظور بلوچ سنڌي ۽ بلوچ قومي جدوجهد تي تفصيلي روشني وڌي۔ هن چيو ته سنڌي ۽ بلوچ هڪ ٻئي جو اُڻٽت حصو آهن، ۽ ٻنهي قومن جي نجات سندن قومي آزاديءَ ۾ لڪل آهي۔ هن وڌيڪ چيو ته سندن قربانيون ۽ شهادتون ضرور رنگ لائينديون۔ ورلڊ سنڌي ڪانگريس جي چيئرمين ڊاڪٽر لکو لهاڻو پنهنجي خطاب ۾ چيو ته سنڌي قوم تاريخ جي انتهائي نازڪ ۽ فيصلاڪن دور مان گذري رهي آهي۔ هن چيو ته هر سنڌي جي تاريخي ذميواري آهي ته هو پنهنجي وطن، قومي حقن ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل لاءِ مسلسل جدوجهد جاري رکي۔ هن وڌيڪ چيو تہ اسان جي ڪلهن تي شهيدن جي رت جي امانت آهي، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ رائيگان ٿيڻ نه ڏنو ويندو۔ تقريب جي پڄاڻي تي شاهد چنا، سڄڻ چنا، فقير محمد لاشاري ۽ علي چنا انقلابي گيت پيش ڪري شرڪت ڪندڙن کان ڀرپور داد وصول ڪيو۔ آخر ۾ اهو وچن ڪيو ويو ته برطانيا ۾ رهندڙ سنڌي پنهنجي مظلوم ماروئڙن جو آواز بڻجندا، ۽ سندن هر ڏک ۽ سک ۾ گڏ بيٺل رهندا۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ڪامريڊ ڪومل بجاراڻي لغاري
0 تبصرے