English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٻھارا لڳ ڳوٺ يار محمد خاصخيلي تي پوليس جي چڙهائي، گهرن کي مبينا باهه، عورتون گرفتار
213 views
|
22nd May 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو( محمد شفيق ڀٽي) ٻھارا لڳ ڳوٺ يار محمد خاصخيلي تي پوليس چڙهائي ڪري وڏي بربريت ۽ ظلم جو مظاهرو ڪيو آهي. پوليس پاران اٽڪل چار ڪلاڪن تائين سڄي ڳوٺ جو گهيرو ڪري (ڪڙو چاڙهي) گهرن کي باهيون ڏنيون ويون، جڏهن ته گهرن ۾ موجود قيمتي سامان ۽ مال موشي پڻ ڪاهي ويا. ان کان علاوه، گهرن ۾ موجود بيگناهه عورتن ۽ معصوم ٻارڙن کي وحشياڻي تشدد جو نشانو بڻائڻ بعد عورتن کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري سڄي علائقي ۾ سخت ڪاوڙ ۽ خوف واري لهر پکڙجي وئي آهي. ڳوٺاڻن ميڊيا کي دانهيندي چيو ته پوليس سڀئي قانوني ضابطا ۽ اخلاقي حدون پار ڪري چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو آهي. چئن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ هن ڪاروائيءَ دوران معصوم ٻارڙن جون رڙيون ٻڌي به پوليس اهلڪارن جو دل نه پگهرجيو. گهرن کي باهه ڏيڻ سبب غريب ڳوٺاڻن جو الهه تلهه سڙي رک ٿي ويو آهي ۽ پوليس گهرن مان ٻيو سامان ۽ جانور پڻ زبردستي ڪاهي کڻي وئي آهي. ڳوٺاڻن ۽ علائقي جي سماجي اڳواڻن سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي عورتن ۽ معصوم ٻارڙن تي بيگناهه تشدد ڪرڻ ۽ کين قيد ڪرڻ ڪهڙي قانون ۾ لکيل آهي؟ ڇا پوليس جو ڪم شهرين جي جان و مال جي حفاظت ڪرڻ آهي يا امن پسند ڳوٺن تي چڙهايون ڪري دهشت پکڙڻ آهي ڳوٺ يار محمد خاصخيلي جي متاثرن، سگهڙن ۽ سول سوسائٽي پاران سنڌ جي وڏي وزير، آءِ جي سنڌ، ۽ ڊي آءِ جي لاڳاپيل کي اپيل ڪئي وئي آهي ته هن معاملي جو فوري طور تي مٿانهون نوٽيس ورتو وڃي. ملوث پوليس اهلڪارن خلاف ايف آءِ آر داخل ڪري کين معطل ڪيو وڃي، گرفتار ڪيل عورتن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي ۽ غريب ڳوٺاڻن جي نقصان جو ازالو ڪيو وڃي،
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٻھارا لڳ ڳوٺ يار محمد خاصخيلي
0 تبصرے