English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
رحيمداڻي اڪيڊمي پاران سيڪريٽري اطلاعات نديم الرحمان ميمڻ جي سالگرهه تقريب منعقد
68 views
|
01st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
تقريب دوران سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ نديم الرحمان ميمڻ جي انتظامي، سماجي ۽ عوامي خدمتن تي روشني وڌي وئي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي پاران حڪومت سنڌ جي نامياري، محب وطن ۽ عوام دوست بيوروڪريٽ سيڪريٽري اطلاعات سنڌ نديم الرحمان ميمڻ جي سالگرهه جي موقعي تي مقامي هوٽل ۾ هڪ پروقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جتي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو ۽ سندس شاندار انتظامي، سماجي ۽ عوامي خدمتن تي ڀرپور روشني وڌي وئي، تقريب ۾ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ شخصيتن، سماجي اڳواڻن، اسپورٽس آرگنائيزرن ۽ شهرين شرڪت ڪئي، ان موقعي تي رحيمداڻي ڪرڪيٽ اڪيڊمي جي روحِ روان، نامور سماجي شخصيت ۽ پريس ڪلب عمرڪوٽ جي مئنيجمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين رسول بخش رحيمداڻي خطاب ڪندي چيو ته نديم الرحمان ميمڻ هڪ فرض شناس، باصلاحيت ۽ عوامي خدمت جي جذبي سان سرشار آفيسر آهي، جنهن پنهنجي سموري پيشاورانه زندگي عوامي ڀلائي ۽ بهبود لاءِ وقف ڪري ڇڏي آهي، هن چيو ته بطور ڊپٽي ڪمشنر عمرڪوٽ نديم الرحمان ميمڻ مثالي خدمتون سرانجام ڏنيون، سندس آفيس جا دروازا هميشه غريبن، مستحقن ۽ ضرورت مند ماڻهن لاءِ کليل رهندا هئا، هن بنا ڪنهن فرق جي عوامي مسئلا ٻڌا ۽ انهن جي حل لاءِ عملي قدم کنيا، جنهن سبب اڄ به ضلعي عمرڪوٽ جا ماڻهون کيس عزت ۽ احترام جي نگاهه سان ڏسن ٿا، رسول بخش رحيمداڻي وڌيڪَ چيو ته نديم الرحمان ميمڻ نه رڳو انتظامي معاملن ۾ پنهنجي صلاحيتن جو لوها مڃرايو، پر اسپورٽس، اطلاعات ۽ تعليم سميت مختلف شعبن جي ترقي ۽ بهتري لاءِ به هميشه ڀرپور سهڪار ۽ رهنمائي فراهم ڪئي، هو هر مثبت ۽ تعميري سرگرمي جي سرپرستي ڪندي نظر آيو ۽ نوجوانن جي همٿ افزائي کي پنهنجي ترجيحن ۾ شامل رکيو، هن چيو ته اڄ نديم الرحمان ميمڻ سيڪريٽري اطلاعات حڪومت سنڌ جي اهم عهدي تي پنهنجون ذميواريون احسن نموني نڀائي رهيو آهي ۽ پنهنجي پيشاورانه صلاحيتن، ايمانداري ۽ عوام دوست روين سبب بيوروڪريسي ۾ وڏو مقام رکي ٿو، تقريب جي پڄاڻي تي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو ويو، جڏهن ته شرڪت ڪندڙن نديم الرحمان ميمڻ جي وڏي ڄمار، سٺي صحت، ڪاميابين ۽ وڌيڪَ عوامي خدمتن لاءِ خاص دعائون گهريون، مقررين ان اميد جو اظهار ڪيو ته هو مستقبل ۾ به پنهنجي قائدانه صلاحيتن ۽ عوام دوست پاليسين ذريعي سنڌ صوبي ۽ ملڪ جي خدمت جو سفر ساڳئي جذبي سان جاري رکندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
رحيمداڻي اڪيڊمي پاران سيڪريٽري اطلاعات
0 تبصرے