English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ملير ندي مان نوجوان جو 2ڏينهن پراڻو لاش هٿ، علائقي ۾ ڏک ۽ خوف جي لهر
203 views
|
01st Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) درساڻو ڇنو لڳ درمحمد ڳوٺ جي رهواسي نوجوان زهيب بلوچ جو لاش ملير ندي ۾ بيٺل گندي ۽ سيوريج جي پاڻي مان هٿ آيو آهي. لاش ملڻ کان پوءِ علائقي ۾ ڏک ۽ خوف جي لهر پکڙجي وئي، جڏهن ته وارثن ۽ ڳوٺاڻن جو وڏو انگ واقعي واري هنڌ تي پهچي ويو.پوليس موجب نوجوان جي لاش بابت اطلاع ملڻ شرط اهلڪار واقعي واري هنڌ پهتا ۽ لاش کي ندي ۾ بيٺل پاڻي مان ڪڍي پنهنجي تحويل ۾ ورتو. ابتدائي جائزي موجب لاش لڳ ڀڳ ٻه ڏينهن پراڻو معلوم ٿئي ٿو، جڏهن ته فوتي جي سڃاڻپ زهيب بلوچ ولد نامعلوم طور ڪئي وئي، جيڪو درساڻو ڇنو ڀرسان واقع درمحمد ڳوٺ جو رهواسي هو.پوليس لاش کي ضروري قانوني ڪارروائي ۽ پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪري ڇڏيو آهي، جتي طبي معائني کان پوءِ موت جي اصل سببن بابت وڌيڪ ڄاڻ حاصل ڪئي ويندي. پوليس جو چوڻ آهي ته مختلف رخن کان جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ پوسٽ مارٽم رپورٽ اچڻ کان پوءِ ئي واضح ٿي سگهندو ته نوجوان جو موت حادثاتي طور ٿيو، پاڻي ۾ ٻڏڻ سبب ٿيو يا معاملو ڪنهن ٻي نوعيت جو آهي.هوڏانهن علائقي واسين ٻڌايو ته نوجوان گذريل ڪجهه وقت کان گهر وارن جي نظرن کان اوجهل هو، جنهن سبب سندس وارث پريشاني ۾ مبتلا هئا. لاش هٿ اچڻ کان پوءِ گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ وارثن جي روئڻ ۽ دانهن سان ماحول سوڳوار بڻجي ويو. پوليس موجب واقعي بابت وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ سڀني امڪاني پهلوئن کي نظر ۾ رکي تحقيق ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته وارثن کان پڻ ضروري معلومات ورتي پئي وڃي ته جيئن حقيقتن تائين پهچي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
لاڑکانہ میں’’سندھ بچاؤ مارچ‘‘پر پولیس ٹوٹ پڑی, خواتین کارکنوں سمیت متعدد گرفتار
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
’’حوثیوں کو روکیں‘‘، پاکستان نے سعودی عرب کا سخت پیغام ایران تک پہنچا دیا
13th Sep 2026
•
تازہ ترین
فی لیٹر پٹرول پر 100 روپے رعایت، وزیراعظم نے نئی اسکیم کا اعلان کردیا
13th Sep 2026
•
سندھ
ایس پی ایس سی میں میرٹ کی پامالی کے خلاف احتجاج 51ویں روز بھی جاری، طلبہ نے مرن بھوک ہڑتال شروع کردی
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ملير ندي مان نوجوان جو 2ڏينهن پراڻو
0 تبصرے