English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
نوشهروفيروز ۾ 8ڏينهن کان بجلي بحال نه ٿيڻ خلاف احتجاجي مظاهرو
115 views
|
03rd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
علائقي واسين بجلي بندش خلاف، مبينا ڪنڊا سسٽم ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف احتجاج ڪيو
نوشهروفيروز(ڊ ر)اٺن ڏينهن کان بجلي بحال نه ٿيڻ خلاف احتجاج، سيپڪو آفيسرن خلاف سخت نعريبازي خبر موجب ريلوي اسٽيشن ڪالوني ۽ ڀرپاسي وارن علائقن جي رهواسين اٺن ڏينهن کان بجلي فراهم نه ٿيڻ، مبينا ڪنڊا سسٽم ۽ سڙيل ٽرانسفارمر تبديل نه ڪرڻ خلاف احتجاجي مظاهرو ڪري سيپڪو آفيسرن خلاف سخت نعريبازي ڪئي مظاهرين جو چوڻ هو ته وفاقي حڪومت پاران عيد جي موڪلن دوران لوڊشيڊنگ نه ڪرڻ جا اعلان ۽ سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران سڙيل ٽرانسفارمر فوري طور تبديل ڪرڻ جا حڪم مسلسل نظرانداز ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته سندن علائقو گذريل اٺن ڏينهن کان بجلي کان محروم آهي۔ احتجاج ڪندڙن الزام هنيو ته جيڪي صارف بجلي جا بل ادا نٿا ڪن، تن کي ٽن ٽن ٽرانسفارمرن ذريعي بجلي فراهم ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته باقاعدگي سان بل ادا ڪندڙ صارف سخت گرمي ۾ اذيت ڀوڳڻ تي مجبور آهن۔ ان موقعي تي شڪيل راڄپر، مختيار ڪلهوڙو، راحيل احمد ۽ گلاب خان چيو ته فوري طور بجلي بحال ڪري شهرين ۽ صارفين کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي۔ هنن چيو ته سيپڪو انتظاميا جي نااهلي سبب عام ماڻهو سخت مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن۔ مظاهرين خبردار ڪيو ته جيڪڏهن فوري طور بجلي بحال نه ڪئي وئي ته هو سڀاڻي سيپڪو آفيسرن جا پتلا ساڙي احتجاج جو دائرو وڌيڪ وسيع ڪندا۔ هنن وفاقي حڪومت، سيپڪو چيف ۽ ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته صارف دشمن رويو رکندڙ سيپڪو آفيسرن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ متاثر علائقن ۾ فوري طور بجلي بحال ڪئي وڃي۔ مظاهرين ٻڌايو ته هنن سيپڪو آفيسرن خلاف پنهنجي شڪايتن ۽ مطالبن بابت اعليٰ اختيارين ڏانهن ٽيليگرام ۽ درخواستون پڻ موڪلي ڇڏيون آهن ته جيئن سندن مسئلن جو ترت حل ڪڍيو وڃي۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
نوشهروفيروز ۾ 8ڏينهن کان بجلي
0 تبصرے