English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ: ۾ استادن ۽ سرڪاري ملازمن جو مطالبن جي مڃتا لاءِ احتجاج
246 views
|
03rd Jun 2026
•
سنڌي خبرون
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) عمرڪوٽ ۾ ينگ ٽيچر الائنس، گسٽا، پ ٽ الف، آل پاڪستان ڪلرڪس ايسوسيئيشن ۽ ٻين استادن توڙي سرڪاري ملازمن جي تنظيمن جي سڏ تي مطالبن جي مڃتا لاءِ عمرڪوٽ پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، مظاهري جي اڳواڻي راشد منڱريو، امتياز ڪنڀر، روبينا قائمخاني، قادر ساند، جاويد سومرو، ڀرت بنسي مالهي، احسان شاهاڻي، ابراهيم رند، علي شير، عبدالواحد، شهباز ميرچند ۽ ٻين ڪئي، احتجاج دوران استادن ۽ ملازمن هٿن ۾ پلي ڪارڊ ۽ بينر کڻي پنهنجن مطالبن جي حق ۾ سخت نعريبازي ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ملڪ ۾ وڌندڙ مهانگائي سبب سرڪاري ملازم سخت معاشي مشڪلاتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، تنهن ڪري وفاقي حڪومت ۽ ٻين صوبن جي ملازمن جيان سنڌ جي سرڪاري ملازمن کي به فوري طور 30 سيڪڙو ڊي آر اي الائونس ڏنو وڃي، هنن مطالبو ڪيو ته گروپ انشورنس جي رقم بنا دير ادا ڪئي وڃي، پگهارن ۾ مهانگائي جي تناسب سان 100 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، جڏهن ته هائوس رينٽ ۽ ڪنوينس الائونس ۾ پڻ خاطرخواهه اضافو ڪيو وڃي، اڳواڻن چيو ته ريٽائرڊ ملازمن جا واجبات وقت سر ادا ڪيا وڃن، ڪلارڪن جون پوسٽون گريڊ 15 تائين اپ گريڊ ڪيون وڃن ۽ نان پروفيشنل پوسٽن جي اپ گريڊيشن وارو عمل مڪمل ڪيو وڃي، احتجاج ڪندڙن فوتي ڪوٽا تي ڀرتين جو عمل فوري بحال ڪرڻ، اين ٽي ايس سميت ٻين ڀرتين جا مرحلا شفاف بڻائڻ، پروموشن لاءِ ڊي پي سي اجلاس ترت ڪرائڻ ۽ ڪانٽريڪٽ، ڊيلي ويجز ۽ ايڊهاڪ ملازمن کي مستقل ڪرڻ جو پڻ مطالبو ڪيو، هنن چيو ته تعليمي بورڊ حيدرآباد سميت ٻين بورڊن جي رهيل واجبات ادا ڪيا وڃن ۽ مالي سال /2026/27ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري ملازمن لاءِ خاص رليف پيڪيج جو اعلان ڪيو وڃي، ھنن چيو ته سرڪاري ملازمن جا جائز مطالبا ڊگهي عرصي کان التوا جو شڪار آهن، جنهن سبب ملازمن ۾ بيچيني وڌي رهي آهي، هنن حڪومت کان مطالبو ڪيو ته ملازمن جا سمورا جائز مسئلا فوري طور حل ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائي سڄي صوبي ۾ تحريڪ هلائي ويندي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ: ۾ استادن ۽ سرڪاري ملازم
0 تبصرے