English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽو: يونين ڪائونسل ڪيٽي بندر ۾سامونڊي ويرن تباهي مچائي ڇڏي
231 views
|
15th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(ڊر) يونين ڪائونسل ڪيٽي بندر ۾سامونڊي ويرن تباهي مچائي ڇڏي تنهن هوندي به انتظاميا ڪو به تحرڪ نه ورتو چار ڏينهن اڳ بچاءُ بند کي گهارا، پوڻ سبب ٽن ڳوٺن ۾ سمنڊ جو پاڻي داخل ٿيو ڳوٺاڻن پاران ، لڏپلاڻ هلندڙ انتظاميا غائب يونين ڪائونسل ڪيٽي بندر ۾ سمنڊ جي ويرون چڙهڻ پوءِ سمنڊ ۾ چاڙهه اچڻ سبب بچاءُ بند ڪيترن ئي هنڌن تان ٽٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ سمنڊ جو کارو پاڻي رهائشي علائقن ۾ داخل ٿي ويو آهي سمنڊ جي تيز لهرن ۽ بند کي پيل گهارن سبب ڳوٺ علي بخش جت ڳوٺ هاشم جت ڳوٺ عثمان دبلو پاڻي گهرن ۾ داخل ٿيڻ کان پوءِ سوين خاندان کليل آسمان هيٺ بي يار و مددگار بڻجي ويا آهن ۽ ڳوٺن مان لڏپلاڻ سلسلو شروع ٿي ويو آهي. ڳوٺاڻن جو قيمتي سامان ۽ مال متاع پڻ متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي. متاثر ڳوٺاڻن بابو جت ۽ ٻين ميڊيا وٽ دانهون ڪندي ٻڌايو ته اسان ڪيترائي ڀيرا لاڳاپيل انتظاميه کي آگاهه ڪيو هو ته سمنڊ کان بچاءُ لاءِ ڏنل بند گهارا پيا آهن، پر اسان جي ڪنهن به هڪ نه ٻڌي. اڄ انتظاميه جي نااهليءَ سبب لڏپلاڻ شروع ڪئي آهي اسان جا گهر ٻڏي ويا آهن ۽ اسان دربدر ٿي ويا آهيون." ڳوٺاڻن سنڌ جي وڏي وزير، آبپاشي کاتي جي وزير ۽ ٻين اعلٰي اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور تي بچاءُ بند کي لڳل گهارن کي بند ڪيو وڃي. متاثر ڳوٺاڻن جي واهر ڪئي وڃي ۽ کين محفوظ هنڌن تي منتقل ڪيو وڃي. بند جي مضبوطي لاءِ مستقل بنيادن تي ڪم ڪرايو وڃي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي نقصان کان بچي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
10th Sep 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ٹک ٹاک کی دنیا میں ایک منفرد آواز، برکت خان عرف ’’کنگال گروپ آف پاکستان‘‘، پشتو مزاح اور ثقافتی رنگ کے ذریعے نئی شناخت بنانے والے نوجوان کریئیٹر
07th Sep 2026
•
سندھ
سولنگی ویلفیئر آرگنائزیشن کے وفد کی ٹنڈو محمد خان بار ایسوسی ایشن کے صدر سے ملاقات، اہم شخصیات کی شمولیت کا اعلان
07th Sep 2026
•
پاکستان
طبی تعلیم میں اسلام آباد میڈیکل اینڈ ڈینٹل کالج کے اے آئی پروگرام کی پی ایم ڈی سی کی پذیرائی
06th Sep 2026
•
پاکستان
مزدوری کیلئے جانے والا نوجوان ڈھائی ماہ سے لاپتہ، اہلخانہ کا بازیابی کا مطالبہ

Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽو: يونين ڪائونسل ڪيٽي بندر
0 تبصرے