English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
جهرڪ ويجهو مالوندن جو بااثرن جي مبينا زيادتين خلاف احتجاج
44 views
|
18th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ٺٽو(ڊر) جھرڪ لڳ ويران ٻيلي جي رھواسي مقامي مالوند ماڻھن پاران بااثر غير مقامي قبضاگير مافيا جي زيادتين توڙي سندن رستا ۽ مال جا چراھگاھ بند ڪري ڌنارن کي ملندڙ موتمار ڌمڪين خلاف ھڪ احتجاجي مظاھرو جھرڪ لڳ سانپا موري تي علي مراد چانگ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪندي چيو تہ ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينن جون ليزون ڪافي وقت کان بند ھجڻ باوجود غير مقامي ماڻھن ٻيلو ويران ۾ اچي ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينن تي غيرقانوني قبضا ڪري پنھنجا ھٿياربند ماڻھون ويھاري ڇڏيا آھن، جن مقامي ماڻھن جو جيئڻ جنجال بنائي انھن جا رستا توڙي مال جا چراھگاھ بند ڪري ڇڏيا آھن، جنھن ڪري سندن چوپايو مال بک وگھي مرڻ لڳو آھي، ھنن چيو تہ سڄي ويران ٻيلي تي قبضو ٿيڻ ڪري ڪوبہ عمارتي وڻ ناھي بچيو، سرڪاري زمينن تي غيرمقامي ماڻھن پاران ڪيل قبضن توڙي والار سميت مقامي ماڻھن سان ٿيندڙ ناانصافين جو بيلي کاتي جي عملدارن سميت ڪير بہ نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھي، جنھن ڪري نقصان جو خطرو ھر وقت موجود رھي ٿو، علي مراد چانگ انڪشاف ڪندي چيو تہ ٻيلي ويران م ھن وقت تائين 4 قتل ٿي چڪا آھن، اسانکي خدشو اھي تہ ڪٿي وڌيڪ مقامي ماڻھن جو نقصان نہ ڪيو وڃي، ھن ايس ايس پي ٺٽو، ڊي سي ٺٽو، ٻيلي کاتي جي اعليٰ عملدارن، چونڊيل نمائندن کان گھر ڪئي تہ فورن ٻيلو ويران ۾ ٻيلي کاتي جي سرڪاري زمينن تي قبضا مافيا پاران ٿيندڙ غيرقانوني قبضن، مقامي ماڻھن کي ملندڙ موتمار ڌمڪين توڙي سندن بند ٿيندڙ رستن توڙي چراھ گاھن جو نوٽيس وٺي مقامي ماڻھن کي تحفظ مھيا ڪري غيرمقامي ماڻھن جي مڪمل جانچ ڪرائي قبضي ھيٺ آيل سرڪاري زمين قبضا مافيا کان خالي ڪرائي زمينن تي ويٺل ھٿياربندن خلاف ڪاروائي ڪري کين ٻيلو ويران مان نيڪالي ڏياري مقامي ماڻھن سان انصاف ڪيو وڃي، جيئن ھو سک واري زندگي گذاري سگھن.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
جهرڪ ويجهو مالوندن جو بااثرن جي مبينا
0 تبصرے