ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قائد آباد واري علائقي مان 3 ورهين جي معصوم نينگري ڪلثوم ڌيءَ قاسم جي ٻوري بند لاش هٿ اچڻ واري افسوسناڪ واقعي کانپوءِ سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ۽ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سخت نوٽيس وٺندي واقعي جي شفاف ۽ جامع جاچ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي. پوليس موجب نينگري جي لاش ٻوري ۾ بند حالت ۾ ملي، جڏهن ته ابتدائي جاچ دوران سندس جسم تي تشدد جا ڪيترائي نشان پڻ مليا آهن. واقعي کانپوءِ علائقي ۾ خوف ۽ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو آهي، جڏهن ته پوليس لاش کي قانوني ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪري مختلف پهلوئن کان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي. سنڌ جي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار ايس ايس پي ملير کان تفصيلي رپورٽ طلب ڪندي چيو آهي ته معصوم نينگري سان پيش آيل واقعو انتهائي افسوسناڪ ۽ ناقابل برداشت آهي. هن هدايت ڪئي آهي ته جاچ دوران جديد فرانزڪ ثبوتن مان ڀرپور فائدو ورتو وڃي، جوابدارن جي سڃاڻپ ۽ گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙيون وڃن ۽ ڪيس جي روزاني بنيادن تي نگراني ڪئي وڃي. سندس چوڻ هو ته ٻارن خلاف ڏوهن ۾ ملوث عنصر سماج جا بدترين ڏوهاري آهن ۽ کين قانون موجب سخت کان سخت سزا ڏيارڻ لاءِ هر ممڪن قدم کنيو ويندو ٻئي طرف آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو واقعي جي جامع ۽ شفاف جاچ لاءِ ڊي آءِ جي ايسٽ جي سربراهي ۾ اعليٰ سطحي جاچ ڪميٽي قائم ڪري ڇڏي آهي. ڪميٽي ۾ ايس ايس پي ايس آءِ يو، ايس ايس پي ملير، ايس ايس پي اسپيشل برانچ انٽيليجنس ايس پي انويسٽيگيشن ملير، لاڳاپيل ڊي ايس پي، ايس آءِ او ۽ جاچ آفيسر شامل آهن. ڪميٽي واقعي جي سمورن پهلوئن جو بارڪي سان جائزو وٺندي جلد پنهنجي رپورٽ پيش ڪندي ۽ روزاني بنيادن تي پيش رفت کان آءِ جي سنڌ کي آگاهه ڪندي ڪلثوم جي والد قاسم مطالبو ڪيو آهي ته سندس معصوم ڌيءَ جي قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون موجب سزا ڏني وڃي. هن چيو ته هڪ سال اڳ به ساڳئي علائقي مان هڪ معصوم نينگري جي تشدد ٿيل ٻوري بند لاش ملي هئي، پر اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ مؤثر قدم نه کنيا ويا. گهرو وزير سنڌ ۽ آءِ جي سنڌ ان عزم جو اظهار ڪيو آهي ته واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي متاثر خاندان کي انصاف فراهم ڪيو ويندو ۽ ان مقصد لاءِ سمورا موجود وسيلا استعمال ڪيا ويندا.
0 تبصرے