ٺٽي ۾ ايم اين اي صادق علي ميمڻ پاران ڊجيٽل ڊوميسائل برانچ جو افتتاح

عوام کي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي: صادق علي ميمڻ

ٺٽي ۾ ايم اين اي صادق علي ميمڻ پاران ڊجيٽل ڊوميسائل برانچ جو افتتاح

ٺٽو (محمد شفيق ڀٽي)ٺٽي ۾ ڊجيٽل ڊوميسائل برانچ جو افتتاح، ستن ڏينهن اندر ڊوميسائل جي فراهمي ممڪن ٿيندي، جعلي ڊوميسائل جو خاتمو ٿيندو - صادق علي ميمڻ، ضلعي ٺٽي ۾ عوام کي جديد ۽ شفاف سهولتون فراهم ڪرڻ جي سلسلي ۾ ڊپٽي ڪمشنر آفيس ۾ قائم ڪيل ڊجيٽل ڊوميسائل برانچ جو افتتاح قومي اسيمبلي جي ميمبر صادق علي ميمڻ ۽ ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت ڪيو. ان موقعي تي لاڳاپيل آفيسر، پيپلز پارٽي جا اڳواڻ امتياز قريشي ، عبدالحميد سومرو ، ممتاز چنڊ، منور هلايو ۽ ٻيا معزز شهري پڻ موجود هئا. افتتاح کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي قومي اسيمبلي جي ميمبر صادق علي ميمڻ چيو ته ماضي ۾ دستي نظام ، غير مؤثر تصديق ۽ مافيا جي سرگرمين سبب شهرين کي ڊوميسائل حاصل ڪرڻ ۾ ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوندو هو، جنهن سبب نوجوانن کي تعليم ۽ روزگار جي موقعن ۾ به نقصان ٿيندو هو.هن چيو ته سنڌ حڪومت جي عوام دوست پاليسين ۽ جديد طرز حڪمراني جي ويزن تحت متعارف ڪرايل هي ڊجيٽل نظام شفافيت، تيز رفتاري ۽ سهولت کي يقيني بڻائيندو.هن چيو ته عوام کي جديد سهولتون فراهم ڪرڻ سنڌ حڪومت جي پهرين ترجيح آهي.ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر سرمد علي ڀاڳت ٻڌايو ته نئين نظام تحت بايوميٽرڪ ۽ نادرا تصديق کانپوءِ شهرين کي صرف هڪ ڀيرو آفيس اچڻو پوندو، جڏهن ته ستن ڏينهن اندر ڊوميسائل جاري ڪيو ويندو، سمورو رڪارڊ مرڪزي ڊيٽا بيس ۾ محفوظ ڪيو ويندو، هر ڊوميسائل تي ڪي آر ڪوڊ موجود هوندو ۽ شهري گهر ويٺي پوسٽ ذريعي به پنهنجو ڊوميسائل حاصل ڪري سگهندا. هن چيو ته نئين نظام سان شهرين کي مختلف آفيسن جا چڪر نه لڳائڻا پوندا، سمورو عمل پاڻمرادو مڪمل ٿيندو، جڏهن ته جعلي ڊوميسائل جو خاتمو، شفافيت ۽ وقت سر فراهمي يقيني بڻائي ويندي، جنهن سان عوام جو وقت ۽ خرچ ٻنهي جي بچت ٿيندي.