نوشهروفيروز(ڊ ر)جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين خالق جوڻيجو نوشهروفيروز ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته نظام جي تبديلي کان سواء سنڌ جا حق حاصل ڪري نه ٿا سگهجن.چهرن جي تبديلي سان ڪجهه به نه ٿيندو جيسيتائين نظام جي تبديلي نه ٿيندي.هن چيو ته وسيلن جا مالڪ صوبا آهن، وفاق زبردستي وسيلن تي قبضو نه ٿو ڪري سگهي،قومي تحريڪن کي فيصلو ڪرڻو پوندو ته اهي چهرن جي تبديلي چاهين ٿا يا نظام جي. سنڌ جي حقن لاء نظام جي تبديلي اڻٽر آهي. هن چيو ته حالت اها آهي ته اقتدار ۾ ويٺل چون ٿا ته اسان سنڌ جي حقن لاء ڪم پيا ڪريون ۽ وري سندن مخالف چون ٿا ته اسان سنڌ جي حقن جي جنگ پيا وڙهون،جيڪي پيپلز پارٽي کي چئلينج ڪن ٿا اهي يا ته پيپلز پارٽي جي اقتدار جو حصو رهيا يا پاڻ اقتدار ۾ رهيا پر ان وقت کين سنڌ جا حق ياد نه آيا. هن چيو ته پاڪستان ۾ 80 سالن کان سنڌ سان زيادتي ٿيندي پئي اچي،هاڻي 1940ع جي قرارداد جي روشني ۾ فيصلا ٿيڻ گهرجن. هن چيو ته سنڌ جي حقن لاء ون يونٽ جهڙي تحريڪ هلڻ گهرجي، جيئي سنڌ محاذ اڳ به مزاحمت واري سياست ڪئي آهي ۽ هاڻي به اها ئي سياست ڪندي. اسين سمجهون ٿا ته پارلياماني سياست سنڌ جا حق ڏئي نه سگهندي.هن چيو ته سنڌ جي حقن لاء هاڻي هر ماڻهو اديب، شاعر، صحافي، وڪيل استاد توڙي سماج سڌارڪ پنهنجو پنهنجو ڪردار ادا ڪن.ان موقعي تي جسم جو وائيس چيئرمين هاشم کوسو ۽ مسرور چانڊيو پڻ ساڻس گڏ هئا.
0 تبصرے