سجاول پوليس پاران عورت منشيات فروش سميت 6 ڄڻا گرفتار

ڪارروائين دوران گلشن زال منظور درس، نياز عرف بابو ميمڻ ۽ ٻين کي گرفتار ڪيو ويو

سجاول پوليس پاران عورت منشيات فروش سميت 6 ڄڻا گرفتار

سجاول(رپورٽر)ڊپٽي انسپيڪٽر جنرل آف پوليس حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي هدايتن تي پوري ضلع ۾ منشيات گھٽڪا فروشن ۽ ٻين ڏوهارين خلاف ڪارروائيون بنا فرق جي جاري آھن. هڪ ليڊيز منشيات فروش سميت 6 ڏوهاري گرفتار ڪيس داخل. 865 گرام چرس. 2250 گھٽڪا. 20 ليٽر ديسي شراب. 52 تاش جا پتا ۽ 1400 رپيا ڪيش هٿ. تفصيل موجب. ايس ايڇ او چوھڙجمالي مشتاق احمد منگي. مخفي اطلاع تي پوليس اسٽاف سان گڏ ٻہ جدا جدا ڪاروايون ڪيون. هڪ ڪاروائي دوران ليڊيز منشيات فروش ڏوهاري گلشن زال منظور درس کي 865 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو. ٻي ڪاروائي ۾ جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي ڏوهاري نياز عرف بابو ميمڻ کي 52 تاش جي پتن ۽ 1400 ڪيس سميت گرفتار ڪري ورتو جڏھن ته ٻيا جواري موقع تان فرار ٿي ويا. ٻنھي ڪاروائين جا جدا جدا ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. ايس ايڇ او جاتي عبدالطيف راڄپر پوليس اسٽاف سان گڏ جاتي سجاول روڊ رائيس مل ويجھو ڪاروائي ڪندي گھٽڪا فروش ڏوهاري عبدالله ٿھيم کي 2000 تيار گھٽڪن سميت گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. انچارج جاتي چوڪ شمس الدين کاڙڪ گشت دوران جاگير اسٽاپ ويجھو ڪارروائي ڪندي 2 منشيات فروش ڏوهارين سجادچوهاڻ.۽ عبدالجليل ناريجو کي 10. 10 ليٽر ديسي شراب سميت گرفتار ڪري بٺورو ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. انچارج ٻيلو صغير احمد جهتيال مخفي اطلاع تي گھٽڪا فروشي ۾ ملوث هڪ ڪيبين تي ڪاروائي ڪندي ڏوهاري حبيب ملاح کي 250 پڙيون تيار گھٽڪو سميت گرفتار ڪري سجاول ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي. ضلع سجاول پوليس منشيات. گھٽڪا فروشن. جوا ۽ ٻين سماجي برائين جي خاتمي لاء اچي ته جيئن عوام کي محفوظ ۽ پر امن ماحول فراهم ڪري سگهجي