ملير: گهگهر لنڪ روڊ تي ڪوئلي جي کليل ڊپو مان زهريلو دونهون نڪرڻ لڳو

زهريلي دونهين سبب ماحولياتي نظام ۽ انساني صحت کي سنگين خطرا آهن: علائقي واسي

ملير: گهگهر لنڪ روڊ تي ڪوئلي جي کليل ڊپو مان زهريلو دونهون نڪرڻ لڳو

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو)گهگهر لنڪ روڊ تي بابا ڀوري ڀرسان قائم هڪ وڏي کليل ڪوئلي جي ڊپو مان نڪرندڙ زهريلي دونهين ۽ فضائي آلودگي سبب ڀرپاسي وارو سمورو علائقو سخت متاثر ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري ماحولياتي نظام ۽ انساني صحت کي سنگين خطرا لاحق ٿي ويا آهن.مقامي رهواسين ۽ اکين ڏٺن شاهدن موجب کليل ميدان ۾ قائم هن ڪوئلي جي ڊپو تي حفاظتي قدمن جو مڪمل فقدان آهي. ڪوئلو کليل حالت ۾ رکيل هجڻ سبب ان ۾ لڳل باهه مان مسلسل زهريلو دونهون نڪري فضا ۾ پکڙجي رهيو آهي، جنهن سان ماحولياتي آلودگي ڏينهون ڏينهن وڌي رهي آهي رهواسين موجب ڊپو جي چوڌاري موجود وڻ، ٻوٽا ۽ گرين بيلٽ ڪوئلي جي ڪاري راک ۽ دونهين سبب مڪمل طور ڪارا ٿي ويا آهن. علائقي جي فضا ۾ پکڙيل زهريلي دونهين سبب ماڻهن، خاص طور ٻارن، بزرگن ۽ ساهه جي بيمارين ۾ مبتلا ماڻهن کي ساهه کڻڻ ۾ سخت تڪليف پيش اچي رهي آهي ان کان علاوه، ٽريلرن ذريعي مسلسل ڪوئلو آندو ۽ لاٿو پيو وڃي، جنهن دوران اڏامندڙ ڪوئلي جي مٽي ۽ غبار فضائي آلودگي ۾ وڌيڪ اضافو ڪري رهيو آهي. انتظاميا جي بي ڌياني رهواسين جو چوڻ آهي ته ماحول ۽ عوامي صحت لاءِ انتهائي خطرناڪ بڻيل هن ڊپو خلاف هيل تائين ڪنهن به لاڳاپيل سرڪاري اداري يا انتظاميا ڪو به نوٽيس نه ورتو آهي، جنهن سبب زهريلو دونهون بنا ڪنهن روڪ ٽوڪ جي فضا کي وڌيڪ آلودو ڪري رهيو آهي علائقي واسين ۽ ماحولياتي ماهرن سنڌ حڪومت، ماحولياتي تحفظ واري اداري ۽ لاڳاپيل اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو آهي ته گهگهر ڦاٽڪ لنڪ روڊ تي قائم هن غير محفوظ يا مبينا غير قانوني ڪوئلي جي ڊپو خلاف فوري قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي، حفاظتي اپاءَ ورتا وڃن ۽ علائقي کي وڌيڪ ماحولياتي تباهي ۽ صحت جي خطرن کان بچايو وڃي.