سجاول پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 6 عورتن سميت 10 ڄڻا گرفتار

گرفتار ٿيلن ۾ ثمينا ملاح، لال ملاح، شڪيلا ملاح، حاجياڻي ملاح، خاتون ملاح، سجاد چٽڻي ۽ شاهنواز ميمڻ شامل

سجاول پوليس جون منشيات فروشن خلاف ڪارروائيون، 6 عورتن سميت 10 ڄڻا گرفتار

سجاول(رپورٽر)ڊي آئي جي پي حيدرآباد رينج طارق رزاق ڌاريجو ۽ ايس ايس پي سجاول ميڊم علينہ راجپر جي هدايتن تي منشيات ۽ گھٽڪا فروشن جي خلاف ڪريڪ ڊائون جاري. 6 عورتن گھٽڪا فروشن سميت 10 ڏوهاري گرفتار ڪيس داخل. تقريبن 20.630 سفینہ ۽ عاداب گھٽڪا. 48 ڪلو گرام گھٽڪو مٽيريل 500 تيار گھٽڪا 1.040گرام چرس ۽ 10 ليٽر ديسي شراب هٿ تفصيل موجب. ايس ڊي پي او سجاول عزيز جميل ميمڻ پوليس ٽيم سان گڏ انٽيليجينس بيسٽ معلومات تي سجاول سٽي ۾ ٽن مختلف جاين تي ڪامياب ڪاروايون ڪندي 6 عورتن گھٽڪن فروشن سميت 8 ڏوهارين کي گرفتار ڪري ورتو. گرفتار ڏوهارين ۾ ثمينه ملاح. لال ملاح. شڪيلا ملاح. حاجياڻي ملاح .خاتون ملاح. سجاد چٽڻي ۽ شاهنواز ميمڻ شامل آهن. ڏوهارين جي قبضي مان مجموعي طور تي تقريبن 20.630 سفینہ ۽ آداب گھٽڪو. 48 ڪلو گرام گھٽڪو مٽيريل ۽ 500 تيار ٿيل گھٽڪو هٿ ڪري ورتو آهي. جڏهن ته ٽنھي ڪاروائين جا سجاول ٿاڻي تي جدا جدا ڪيس داخل ڪري ڇڏيا آهن. ٻي پاسي دڙي ٿاڻي جي حد ۾ ايس ايڇ او دولفقارعلي شر گشت دوران دڙو ٻيلو روڊ تي ڪاروائي ڪندي منشيات فروش رمضان عرف جوڳي نهڙيو کي 1.040 گرام چرس سميت گرفتار ڪري ورتو آهي. ۽ ٻي ڪاروائي ۾ ڏوهاري اڪرم عرف عطاري کي 10 ليٽر ديسي شراب سميت گرفتار ڪري ورتو. ٻنھي ڏوهارين خلاف دڙو ٿاڻي تي جدا جدا ڪيس داخل ڪري وڌيڪ قانوني ڪاروائي جي شروعات ڪري ڇڏي آهي