نامياري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پروفيسر محسن عباسي جي 21هين ورسي تي کيس ڀيٽا پيش

سنڌ ڪلچرل فورم پاران پروفيسر محسن عباسي جي مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري وئي

نامياري شاعر ۽ ڪهاڻيڪار پروفيسر محسن عباسي جي 21هين ورسي تي کيس ڀيٽا پيش

ٺٽو (شفيق ڀٽي)سنڌ ڪلچرل فورم پاران ٺٽي جي نامياري شاعر، اديب، تعليمدان، ڪهاڻيڪار ۽ ترجمي نگار پروفيسر محسن عباسي جي 21هين ورسي جي موقعي تي مڪلي جي تاريخي قبرستان ۾ سندس مزار تي حاضري ڀري گلن جي چادر چاڙهي کيس ڀيٽا پيش ڪئي وئي.تقريب ۾ سنڌ ڪلچرل فورم جي باني چيئرمين صادق لاکو، ڀٽائي جي پارکو ۽ مزاحمتي شاعر ڊاڪٽر محمد مارو خشڪ، سنڌ سڀيتا سگهڙ فورم جي مرڪزي صدر جمشيد زهراڻي، سنڌي مزدور تحريڪ ضلعي ٺٽي جي صدر نور محمد ڪنڀار، ڊاڪٽر آڪاش عباسي سميت سياسي، سماجي ۽ ادبي شخصيتن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته پروفيسر محسن عباسي سنڌ جي انهن ناليوارن عالمن ۽ اديبن مان هو، جن شاعري، نثر، ترجمي ۽ تدريس جي ميدان ۾ اهم خدمتون سرانجام ڏنيون. هن کي سنڌي سان گڏ پنجابي، سرائيڪي، فارسي ۽ اردو سميت ڪيترين ئي ٻولين تي عبور حاصل هو، جڏهن ته سندس ادبي ۽ علمي صلاحيتن کيس ملڪ اندر توڙي عالمي سطح تي سڃاڻپ ڏني. هنن چيو ته پروفيسر محسن عباسي رسول بخش پليجو، نجم عباسي ۽ محمد خان مجيدي جو همعصر ۽ ساٿي رهيو، جڏهن ته سندس سياسي وابستگي عوامي تحريڪ سان پڻ رهي. سندس شاعري سادي، عام فهم ۽ فڪري پيغام سان ڀرپور آهي، جيڪا اڄ به پڙهندڙن لاءِ وڏي اهميت رکي ٿي. مقررن وڌيڪ چيو ته پروفيسر محسن عباسي ڪيترين ئي سنڌي ڪهاڻين کي پنجابي ٻوليءَ ۾ ترجمو ڪيو، جڏهن ته نامور ڪهاڻيڪار جمال ابڙو جي ڪهاڻين جي مجموعي "پشو پاشا" جي پنجابي ترجمي تي کيس ورلڊ پنجابي ڪانفرنس انڊيا پاران مڃتا ايوارڊ سان نوازيو ويو. تقريب جي پڄاڻي تي اڳواڻن سنڌ جي ثقافت کاتي ۽ ضلعي حڪومت ٺٽي کان مطالبو ڪيو ته پروفيسر محسن عباسي جي علمي، ادبي ۽ ثقافتي خدمتن جي اعتراف طور هر سال سندس ياد ۾ ضلعي يا ملڪي سطح تي ادبي تقريبون منعقد ڪيون وڃن، جيئن نئين نسل کي سندس فڪري ۽ ادبي ورثي کان آگاهه ڪري سگهجي.