ملير: ڀٽائي آباد ۾ پاڻي جي شديد بحران خلاف احتجاج

جماعت اسلامي ۽ عوامي راڄ تحريڪ پاران احتجاج ڪيو ويو

ملير: ڀٽائي آباد ۾ پاڻي جي شديد بحران خلاف احتجاج

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) مسلم ليگ فنڪشنل پي ايس 84 پاران ڀٽائي آباد ۾ پاڻي جي شديد بحران خلاف پبلڪ هيلٿ ٽينڪي آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن ۾ جماعت اسلامي ۽ عوامي راڄ تحريڪ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن پڻ شرڪت ڪري متاثر شهرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪيو. احتجاج ۾ مسلم ليگ فنڪشنل ملير جي نائب صدر رانا سهيل، جنرل سيڪريٽري طارق علي سرڪي، انفارميشن سيڪريٽري ڪاشف ڀٽي، پي ايس 84 جي صدر اورنگزيب جدون، جنرل سيڪريٽري اسدالله ابڙو، ايڊيشنل جنرل سيڪريٽري صفت علي شاهه ۽ جماعت اسلامي جي اڳواڻن امجد علي ۽ امين سومرو شرڪت ڪئي مقررن چيو ته ڀٽائي آباد ڪيترن ئي سالن کان پاڻي جي سخت کوٽ کي منهن ڏئي رهيو آهي، جڏهن ته گذريل ٽن کان چئن مهينن کان ڪيترن ئي بلاڪن ۾ پاڻي جي فراهمي مڪمل طور بند آهي، جنهن سبب هزارين رهواسي سخت پريشاني ۾ مبتلا آهن. هنن چيو ته لاڳاپيل ادارا ۽ چونڊيل نمائندا مسئلي جي مستقل حل ۾ ناڪام رهيا آهن. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته پبلڪ هيلٿ ٽينڪي کي فوري طور واٽر بورڊ حوالي ڪيو وڃي ته جيئن علائقي واسين کي مستقل، منصفاڻي ۽ باقاعده بنيادن تي پاڻي فراهم ڪري سگهجي. هنن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سندن جائز مطالبا فوري طور قبول نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو، پهرين واٽر بورڊ جي مرڪزي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو ۽ ان کان پوءِ سنڌ اسيمبلي جو گهيراءُ پڻ ڪيو ويندو. هنن واضح ڪيو ته عوام کي پاڻي جهڙي بنيادي حق کان وڌيڪ محروم نه رکيو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاجي تحريڪ وڌيڪ تيز ڪئي ويندي، جنهن جي ذميواري لاڳاپيل ادارن ۽ اختيارين تي هوندي.