ضلعي جي مختلف هنڌن تي تقريبون منعقد، ريليون ڪڍي احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا
نوشهروفيروز (ڊ ر)پاڪستان پيپلز پارٽي جي مرڪزي سڏ تي اڄ 5 جولاءِ تي ضلعي، تعلقي ۽ سٽي نوشهروفيروز جي ڪارڪنن ٻانهن تي ڪاريون پٽيون ٻڌي 5 جولاءِ کي ڪارو ڏينهن طور ملهايو. ان سلسلي ۾ ضلعي جي مختلف هنڌن تي تقريبون ۽ احتجاجي مظاهرا پڻ ڪيا ويا ان موقعي تي پاڪستان پيپلز پارٽي ضلعي نوشهروفيروز جي صدر ۽ چيئرمين ضلعي ڪائونسل سهيل اختر عباسي، جنرل سيڪريٽري مسرور راڄپر، انفارميشن سيڪريٽري وقاص سومرو، چيئرمين ميونسپل ڪاميٽي ڊاڪٽر ڪاشف مصطفيٰ ميمڻ، ڊاڪٽر نور مورو، غضنفر راڄپر، تعلقي نوشهروفيروز جي صدر چوڌري اصغر وسير، سٽي نوشهروفيروز جي صدر پير خالد سيف الله، يوٿ تعلقي نوشهروفيروز جي صدر لالا توفيق چانڊيو، عبدالغني ڏنگراچ، جمشيد علي پنهور، عبيدالله راڄپر ۽ ٻين ڪارڪنن 5 جولاءِ 1977ع جي واقعن جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي جمهوريت جي بحالي لاءِ ڏنل قربانين کي ڀرپور ڀيٽا پيش ڪئي. ضلعي جي مختلف علائقن ۾ ٿيل تقريبن ۽ احتجاجي مظاهرن کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي هميشه جمهوريت، آئين جي بالادستي ۽ عوام جي بنيادي حقن جي تحفظ لاءِ جدوجهد ڪندي رهي آهي. هنن چيو ته 5 جولاءِ 1977ع پاڪستان جي جمهوري تاريخ جو هڪ ڏکوئيندڙ باب آهي، جنهن کي هر سال ڪاري ڏينهن طور ملهايو ويندو آهي ته جيئن جمهوريت خلاف ٿيندڙ قدمن کي ياد رکيو وڃي ۽ جمهوري قدرن جي اهميت کي اجاگر ڪيو وڃي. اڳواڻن ان عزم جو اظهار ڪيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي مستقبل ۾ به جمهوريت جي مضبوطي، آئين جي سربلندي ۽ عوامي حقن جي تحفظ لاءِ پنهنجي سياسي جدوجهد جاري رکندي.
0 تبصرے