ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي احتجاجي مظاهرو

سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙي، سنڌ جا 300 ارب وفاق حوالي ڪرڻ، تڪراري ڊيم منصوبن خلاف احتجاج ڪيو ويو

ڪراچي جي ضلعي اوڀر ۾ ايس يو پي جي مرڪزي سڏ تي احتجاجي مظاهرو

ملير (عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي (ايس يو پي) مرڪز جي سڏ تي ضلعي اوڀر ۾ سنڌ جا 300 ارب رپيا وفاق حوالي ڪرڻ، چناب ڊيم ۽ چولستان ڪئنال جي رٿابندي، پگهارن ۽ پينشن ۾ 20 سيڪڙو واڌ نه ڪرڻ، پيٽرول جي قيمت 200 رپيا في لٽر تائين آڻڻ، بجلي ۽ گيس جي لوڊشيڊنگ جي خاتمي، ميرٽ تي ڀرتين ۽ صوبي ۾ امن امان جي بحالي لاءِ ايسٽ پريس ڪلب اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. احتجاجي مظاهري جي اڳواڻي . ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جا عوام دشمن فيصلا ملڪ ۾ مهانگائي، بيروزگاري ۽ بيچيني کي وڌائي رهيا آهن، تنهن ڪري اهي فيصلا فوري طور واپس ورتا وڃن. هنن مطالبو ڪيو ته سرڪاري ملازمن ۽ رٽائرڊ ملازمن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ گهٽ ۾ گهٽ 20 سيڪڙو واڌ ڪئي وڃي، پيٽرول جي قيمت 200 رپيا في لٽر مقرر ڪئي وڃي، بجلي ۽ گيس جا اگهه گهٽائي لوڊشيڊنگ جو مڪمل خاتمو آندو وڃي، سرڪاري نوڪرين ۾ ميرٽ کي يقيني بڻايو وڃي ۽ سنڌ ۾ امن امان جي صورتحال بهتر بڻائي وڃي. اڳواڻن وڌيڪ چيو ته سنڌ سرڪار پاران سنڌ جا 300 ارب رپيا وفاق حوالي ڪرڻ ۽ چناب ڊيم، چولستان ڪئنال ۽ جيهلم لنڪ جهڙن منصوبن جي رٿابندي سنڌ جي وسيلن ۽ پاڻيءَ تي ڌاڙو آهي، جنهن کي سنڌ جو باشعور عوام ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪندو. هنن چيو ته سنڌ سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي