ملير ۾ نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان گل حسن ڪلمتي جي سالگرهه ملهائي وئي

عوامي پريس ڪلب ۾ سالگرهه تقريب مقرر، اديبن، دانشورن، سياسي اڳواڻن، صحافين جي شرڪت

ملير ۾ نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان گل حسن ڪلمتي جي سالگرهه ملهائي وئي

گل حسن ڪلمتي جون تحقيقي ۽ ادبي خدمتون ايندڙ نسلن لاءِ هڪ قيمتي اثاثو آهن جڏهن ته سندس لکيل ڪتاب تحقيق جي ميدان ۾ مستند حوالو بڻجي چڪا آهن ملير (عبدالرشيد مورجھريو) عوامي پريس ڪلب ملير جي بابا اڪبر بلوچ هال ۾ نامياري ليکڪ، محقق ۽ تاريخدان محترم گل حسن ڪلمتي جي 68 هين سالگرهه جي تقريب وڏي جوش ۽ جذبي سان ملهائي وئي جنهن ۾ اديبن، دانشورن، سياسي اڳواڻن، صحافين، سماجي ڪارڪنن ۽ زندگيءَ جي مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب دوران مهمانن گل حسن ڪلمتي کي سنڌ جي تاريخ، ادب، ثقافت ۽ تحقيق جي شعبي ۾ سندس بي مثال خدمتن تي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو ان موقعي تي عوامي پريس ڪلب ملير جي صدر سيد سجاد علي شاھ ،سماجي اڳواڻ سيد خدا ڏنو شاهه، سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي مرڪزي اڳواڻن جڳديش آهوجا ،خادم ٻُرڙو، سينيئر صحافي اوشاق ميراڻي ۽ ٻين مهمانن گڏجي سالگرهه جو ڪيڪ ڪاٽيو تقريب کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته گل حسن ڪلمتي پنهنجي قلم وسيلي سنڌ جي تاريخ، تهذيب، ثقافت ۽ وساريل ورثي کي محفوظ ڪرڻ لاءِ اهم ۽ يادگار خدمتون سرانجام ڏنيون آهن هنن جو چوڻ هو ته گل حسن ڪلمتي جون تحقيقي ۽ ادبي خدمتون ايندڙ نسلن لاءِ هڪ قيمتي اثاثو آهن جڏهن ته سندس لکيل ڪتاب تحقيق جي ميدان ۾ مستند حوالو بڻجي چڪا آهن مقررن وڌيڪ چيو ته اهڙن علمي ۽ ادبي شخصيتن جي عزت افزائي ڪرڻ سماج جي ذميواري آهي ڇو ته اهي پنهنجي علم، فڪر ۽ قلم وسيلي قوم جي شعور کي روشن ڪن ٿا تقريب جي آخر ۾ گل حسن ڪلمتي شرڪت ڪندڙن، عوامي پريس ڪلب ۽ تقريب جي منتظمين جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته هو مستقبل ۾ به سنڌ جي تاريخ، ادب ۽ ثقافت بابت پنهنجي تحقيقي ڪم کي جاري رکندا.