عوامي پريس ڪلب جي بابا اڪبر بلوچ هال ۾ تقريب منعقد، سياسي، سماجي، علمي، ادبي اڳواڻن ۽ صحافين جي شرڪت
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) سنڌ جي ناليواري سياستدان ضلعي ڪائونسل ڪراچي جي اڳوڻي چيئرمين مرحوم حاجي شفيع محمد ڄاموٽ جي ستين ورسي عوامي پريس ڪلب ملير طرفان پريس ڪلب جي بابا اڪبر بلوچ هال ۾ ملهائي وئي تقريب ۾ سياسي، سماجي، علمي، ادبي اڳواڻن، صحافين، ساڃاهه وندن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي سنڌ انڊيجنئيس رائٽس الائنس جي مرڪزي صدر سيد خدا ڏنو شاهه چيو ته حاجي شفيع محمد ڄاموٽ موجوده دور جو جديد مورڙو هو جنهن نه رڳو سامونڊي پٽيءَ جي مهاڻن جي وسندين پر ڪراچي سميت سنڌ جي هر ڳوٺ ۽ هر طبقي جي ماڻهن جي بي لوث خدمت ڪئي هن چيو ته پنهنجي سڄي سياسي زندگيءَ دوران هن ڪڏهن به اصولن تي سوديبازي نه ڪئي، نه سازشن آڏو جهڪيو ۽ نه ئي ڪنهن دٻاءُ کي قبول ڪيو سندس بهادري، ايمانداري ۽ عوام سان محبت ايندڙ نسلن لاءِ مشعلِ راهه آهي خاص مهمان ۽ مرحوم جي فرزند سھيل ڄاموٽ پنهنجي خطاب ۾ عوامي پريس ڪلب ملير جو شڪريو ادا ڪندي چيو ته سندس والد هميشه عوام جي خدمت، انصاف ۽ سچ جي سياست تي يقين رکندو هو. هن چيو ته حاجي شفيع ڄاموٽ جي جدوجهد کي اڳتي وڌائڻ ۽ عوام جي حقن لاءِ آواز بلند ڪرڻ ئي سندس لاءِ بهترين ڀيٽا آهي قومي عوامي تحريڪ ڪراچي جي صدر منان شيخ چيو ته حاجي شفيع ڄاموٽ سنڌ جي حقن، وسيلن ۽ مظلوم ماڻهن جي نمائندگي ڪندڙ بهادر اڳواڻ هو هن جو سياسي ڪردار نوجوانن لاءِ هڪ مثال آهي، جنهن مان ثابت قدمي، اصول پسندي ۽ عوامي خدمت جو سبق ملي ٿو قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي نائب صدر فرحان لاڙڪ چيو ته مرحوم پنهنجي سڄي زندگي عوام جي ڀلائي لاءِ وقف ڪئي. هن چيو ته اهڙا ماڻهو جسماني طور ته اسان کان وڇڙي وڃن ٿا، پر سندن ڪردار، خدمتون ۽ فڪر هميشه زنده رهندا آهن پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ ابوبڪر ميمڻ چيو ته حاجي شفيع ڄاموٽ هڪ بردبار، سلجهيل ۽ عوام دوست شخصيت هو، جنهن سياسي اختلافن کان مٿانهون ٿي هر ماڻهو سان محبت ۽ احترام جو رشتو قائم رکيو سندس خدمتن کي هميشه ياد رکيو ويندوسماجي اڳواڻ فريد بلوچ چيو ته مرحوم جي زندگي خدمت، جدوجهد ۽ قربانين سان ڀرپور هئي. هن چيو ته سنڌ جي عوام کي اهڙن بااصول اڳواڻن جي سياسي سوچ کي اڳتي وڌائڻ گهرجي ته جيئن عوامي حقن جو تحفظ ممڪن بڻجي سگهي عوامي پريس ڪلب ملير جي نائب صدر شهنشاهه چارڻ چيو ته عوامي پريس ڪلب هميشه انهن شخصيتن کي ڀيٽا پيش ڪندو رهيو آهي، جن سنڌ، ڪراچي ۽ عوام جي ڀلائي لاءِ تاريخي خدمتون سرانجام ڏنيون. هن چيو ته مرحوم حاجي شفيع محمد ڄاموٽ جي سياسي، سماجي ۽ عوامي خدمتن کي وسارڻ ممڪن ناهي ان موقعي تي سماجي اڳواڻ سليم جي ميمڻ، سينيئر صحافي سامي ميمڻ، يونس خاصخيلي، غلام نبي مگسي، عبدالخالق ڀٽي، پانڌي ميربحر، محمد امين ڪلمتي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو تقريب جي پڄاڻي تي مرحوم حاجي شفيع محمد ڄاموٽ جي مغفرت ۽ سنڌ جي ترقي لاءِ گڏيل دعا پڻ گهري وئي.
0 تبصرے