سجاول(رپورٽر)جھوڪ ٿاڻي تي داخل قتل ڪيس جو عدالتي فيصلو. مرڪزي ڏوهاري کي عمر قيد جي سزا. فرسٽ ايڊيشنل سيشن جج سجاول سيد اعجاز علي شاہ جي عدالت جھوڪ ٿاڻي تي داخل ڪيس نمبر26/2022 زير دفع ppc302/34جو فيصلو ٻڌائيندي جوابدار جاويد ولد ساوڻ مڱڻھار کي قتل جو ڏوه ثابت ٿيڻ تي 25 سال قيد بامشقت (عمر قيد )جي سزا ٻڌائي ڇڏي ڄاڻايل مقتول آڪاش ولد جمن مڱڻھار جي والد جمن مڱڻھار جي مدعيت ۾ جهوڪ ٿاڻي تي داخل ڪيو ويو هو. ڪيس مطابق قتل جو واقعو گھريلو تڪرار جي نتيجي ۾ پيش آيوهو.ان ڪيس جي تفتيش سب انسپيڪٽر وساڻو خان مڪمل ڪئي. جڏهن ته معزز عدالت ۾ استغاثہ جي موثر پيروي ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ پبلڪ پراسيڪيوٽر (adpp)منور علي دايو ڪئي جنھن جي نتيجي ۾ جوبدار خلاف ڏوه ثابت ٿيو ۽ عدالت سزا جو حڪم جاري ڪيو. پيشه ورانہ تفتیش ۽ مظبوط شاهدن جي ذريعي جوابدار کي قانون جي ڪٽعري آڻي انصاف جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو.
0 تبصرے