ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ريلي ڪڍي وئي

اڳواڻن پاران ڪراچي جي ڳوٺن کي ليز ڏيڻ ۽ سنڌو درياهه جي بچاءَ لاءِ قدم کڻڻ جو مطالبو

ملير: شاهه لطيف ٽائون ۾ قومي عوامي تحريڪ پاران ريلي ڪڍي وئي

ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) قومي عوامي تحريڪ ڪراچي طرفان هلندڙ مضبوط ۽ متحد سنڌ" مهم جي 33هين ڏينهن شاهه لطيف ٽائون ۾ فرحان لاڙڪ، منان شيخ، اشفاق چنڙ ۽ فياض اتيرو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ ڪارڪنن، شهرين، نوجوانن ۽ مختلف علائقن جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي ريلي مين روڊ کان شروع ٿي مختلف رستن تان گذرندي مک چوڪ تي پهتي، جتي احتجاجي جلسي جي صورت اختيار ڪئي شرڪت ڪندڙن هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا ۽ ڪراچي جي ڳوٺن کي ليز ڪيو، بنيادي سهولتون ڏيو"، "سنڌو درياهه کي سڪائڻ بند ڪريو سنڌ جا وسيلا ڦرڻ بند ڪيو، ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور۽ سنڌ جي حقن تي ڌاڙا نامنظورجا زوردار نعرا هنيا ان موقعي تي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته قومي عوامي تحريڪ جي مسلسل جدوجهد ۽ سنڌ جي عوام جي سخت ردعمل کان پوءِ پاڪستان پيپلز پارٽي منافقاڻي سياست ڪندي مرسون مرسون، سنڌو نه ڏيسون جي نالي ريليون ڪڍي رهي آهي، پر اصل سوال اهو آهي ته سنڌو درياهه جو پاڻي ڪنهن چوري ڪيو؟ پنجاب کي سنڌ جو پاڻي چوري ڪرڻ کان ڪير روڪيندو؟جيڪڏهن حڪمران واقعي سنڌ سان مخلص آهن ته پوءِ سنڌ جي پاڻي، زمين ۽ وسيلن تي ٿيندڙ قبضا فوري طور ختم ڪرائين هنن وڌيڪ چيو ته ڪراچي جي قديمي ڳوٺن سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ بند ڪيو وڃي، انهن کي قانوني ليز ڏئي رهواسين کي مالڪي جا حق فراهم ڪيا وڃن ۽ پيئڻ جو صاف پاڻي، نيڪال جو نظام، تعليم، صحت، گئس، بجلي، روڊن ۽ ٻين بنيادي سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي اڳواڻن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن سنڌو درياهه جي پاڻي تي ڌاڙا، سنڌ جي وسيلن جي ڦرلٽ ۽ ڪراچي جي ڳوٺن سان ناانصافيون بند نه ڪيون ويون ته قومي عوامي تحريڪ پنهنجي احتجاجي مهم کي وڌيڪ تيز ڪندي ۽ سنڌ جي حقن جي تحفظ لاءِ هر جمهوري ۽ آئيني فورم تي جدوجهد جاري رکندي.