English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
ٺٽي ۾ سرڪي برادري جو مڪلي پوليس خلاف احتجاج
33 views
|
26th Apr 2026
•
سنڌي خبرون
پوليس مفت ۾ ماني نه کارائڻ تي 4 نوجوانن تي تشدد ڪيو: مظاهرين
ٺٽو( رپورٽ شفيق ڀٽي) ٺٽي ۽ مڪلي جي سرڪي برادري پاران مڪلي پوليس جي زيادتين توڙي سندن چئن پورھيت نوجوانن پاران مڪلي پوليس کي مفت ۾ ماني نہ کارائڻ تان گرفتار ڪري مٿن ڪيل سخت تشدد توڙي مٿن داخل ڪيل ھٿ ٺوڪين ڪيسن خلاف سراپا احتجاج بڻجي ويا آھن، جن پاران ٺٽي شھر جي سرڪي چوڪ ۾ سرڪي ھائوس تي ھڪ برادري جو وڏو ڪٺ وڏيرو حمير خان سرڪي جي سرپئنچي ۾ منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ مڪلي پوليس جي زيادتين جي ننڍا ڪندي ھڪ احتجاجي مظاھرو وڏيرو حمير خان سرڪي، غلام قادر سرڪي، ڀورو سرڪي، ڪامريڊ نبي بخش سرڪي، محمد ايوب سرڪي، نور حسن سرڪي، شمشاد سرڪي، غلام نبي، احسان، رستم سرڪي ۽ ٻين جي اڳواڻي م ڪندي چيو تہ 2 راتيون اڳ مڪلي ٿاڻي جي ايس ايڇ او مظھر ڪنگو، سب انسپيڪٽر مشتاق پنھور، پوليس سپاھي انور انڙ ۽ بين پوليس اهلڪارن پاران مڪلي تي جهوپڙا هوٽل هلائي ٻچن جو گذر سفر ڪندڙ سندن برادري جي چئن نوجوانن عبدالجبار، عبدالغفار، عبدالمالڪ ۽ عنايت علي سرڪي کي سندن جھوپڙا ھوٽل تي مفت ۾ ماني نہ کارائڻ تان کين زوري کنڀي مڪلي ٿاڻي تي کڻي وڃي مٿن بدترين تشدد جو نشانو بڻائي مٿن 3 ھٿ ٺوڪيا ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائي ڇڏيا آھن، وڏيرو حمير خان سرڪي ۽ بين پ پ پ ضلعي ٺٽي جي قيادت کي ڏوراپو ڏيندي چيو تہ ھنن سڄي زندگي پاڪستان پيپلز پارٽي سان وفا ڪندي نڀائي آھي، پر اھڙو ظلم اسان سان پرويز مشرف دور حڪومت ۾ بہ ناھي ٿيو، جيترو پ پ پ جي ھن حڪومت ۾ ٿيو آھي، پوليس پاران اسان سان ايڏيون وڏيون زيادتيون ڪرڻ باوجود پارٽي جي ڪنھن شخص اسان کان پڇا بہ ناھي ڪئي، ان مان اسان ڇا سمجھون، ھنن چيو تہ اسان کي پوليس گردي ڪنھن بہ صورت ۾ قبول ناھي، اسان سان پوليس وڏي ناانصافي ڪئي آھي، اسان قانوني رستو اختيار ڪيو اھي ۽ اسانکي عدالت مان انصاف جي اميد آھي. هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي حيدرآباد، چيف جسٽس سنڌ ھاء ڪورٽ سميت اعلي اختيارين کان گھر ڪئي تہ ساڻن انصاف ڪري پوليس گردي جو نوٽيس وٺي سندن نوجوانن سان انصاف ڪرائي پوليس گردي ڪندڙ اهلڪارن توڙي عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري کين ضلعي بدر ڪري مٿن ڪيس داخل ڪري کين پوليس جي زيادتين مان نجات ڏياري وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت کان سخت احتجاج ڪيو ويندو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
05th May 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
وري ھڪ ٻي سنڌ ڄائي کي هميشه لاءِ موت جي ننڍ سمھاريو ويو؟
05th May 2026
•
شوبز
سپنا غزل کے فن کا ڈنکا ایک بار پھر بج گیا لگاتار دو ایوارڈز حاصل کیے
05th May 2026
•
سندھ
فوٹو جرنلسٹس محمد ناصر ٹریفک حادثے میں جاں بحق بخاری گروپ آف کمپنیز. کی جانب سے تعزیت کا اظہار
05th May 2026
•
سندھ
نیشنل انسٹیٹیوٹ آف پبلک ایڈمنسٹریشن (نپا) کراچی میں بنگلہ دیش سے آئے ہوئے سینئر سول سروس افسران کے وفد کے دورے کا دوسرا روز
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
روهڙي: ڪارنهن تهمت مڙهي بيدردي سان قتل ڪيل ٻن ٻارن جي ماءُ گلان ڀارو جو ڪيس داخل
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ملير: داؤد شورو ڳوٺ ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ، روڊ۽ سيوريج جو نظام تباهه
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
ڊپٽي ڪمشنر ٺٽو سرمد علي ڀاڳت جي صدارت هيٺ اجلاس
05th May 2026
•
سنڌي خبرون
مڪلي کان ٺٽو تائين غيرقانوني قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ آپريشن
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
ٺٽي ۾ سرڪي برادري جو مڪلي پوليس
0 تبصرے