English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن سان سندن عالمي ڏينهن ملهايو ويو
120 views
|
01st May 2026
•
سنڌي خبرون
فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊولپمينٽ اينڊ انوويشن پاران اسپارڪ آرگنائيزيشن جي سهڪار سان تقريب منعقد
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) پهرين مئي مزدورن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي فائونڊيشن فار سسٽين ايبل ڊولپمينٽ اينڊ انوويشن پاران اسپارڪ آرگنائيزيشن جي سهڪار سان بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن سان گڏ هڪ سادي پر باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ مزدورن جي حقن، ڀلائي ۽ بهتري بابت آگاهي فراهم ڪئي وئي، تقريب کي خطاب ڪندي اسپارڪ جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر عبدالرحمان پلي چيو تہ مزدور ڪنهن به سماج جي ترقيءَ جو اهم ستون آهن، خاص ڪري اهي مزدور جيڪي بٺن، ٻنين يا فيڪٽرين ۾ سخت حالتن ۾ پنهنجو روزگار حاصل ڪن ٿا، سي خراج تحسين جا حقدار آهن، ان موقعي تي فائونڊيشن جي ڊسٽرڪٽ ڪوآرڊينيٽر منظور ڪنڀر چيو تہ بٺن ۽ ٻين محنت طلب شعبن سان لاڳاپيل مزدورن کي تعليم، صحت ۽ مناسب اجرت جهڙيون بنيادي سهولتون فراهم ڪرڻ رياست ۽ سماج جي گڏيل ذميواري آهي، تقريب دوران مزدورن سان کليل ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي وئي، جتي هنن پنهنجي درپيش مسئلن بابت آگاهي ڏني، مزدورن ٻڌايو تہ گهٽ اجرت، ڊگها ڪم جا ڪلاڪ ۽ بنيادي سهولتن جي کوٽ سندن اهم مسئلا آهن، جن جي حل لاءِ لاڳاپيل ادارن کان عملي قدم کڻڻ جي گهر ڪئي وئي، تقريب جي آخر ۾ مزدورن جي خدمتن کي ڀيٽا پيش ڪئي وئي، جڏهن تہ منتظمين ان عزم جو اظهار ڪيو تہ مستقبل ۾ به اهڙيون سرگرميون جاري رکيون وينديون، جيئن مزدورن جي زندگين ۾ مثبت تبديلي آڻي سگهجي.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ بٺن تي ڪم ڪندڙ مزدورن
0 تبصرے