English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
پپري ۾ هٿياربندن هٿان هفتو اڳ پرڻيل نوجوان قتل ۽ ڀاءُ زخمي، قومي شاهراهه تي ڌرڻو
153 views
|
01st May 2026
•
سنڌي خبرون
هٿياربندن فائرنگ ڪري سليم گوپانگ کي قتل ۽ سندس ڀاءُ رشيد کي مرڻينگ ڪري ڇڏيو
ملير (رپورٽ: عبدالرشيد مورجھريو) بن قاسم ٿاڻي جي حد پپري ۾ نامعلوم جوابدارن فائرنگ ڪري نوجوان سليم گوپانگ کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته سندس ڀاءُ رشيد گوپانگ کي سخت زخمي ڪري ڇڏيو۔ ذريعن موجب مقتول جي هڪ هفتي اڳ ئي شادي ٿي هئي، جنهن سبب واقعي علائقي ۾ شديد ڏک ۽ ڪاوڙ پکڙجي وئي آهي۔اهلِ خانہ موجب مقتول ۽ سندس ڀاءُ کي هن کان اڳ به ساڳئي علائقي ۾ نامعلوم جوابدارن موٽر سائيڪل کان محروم ڪيو هو، جڏهن ته تازو واقعو به اهڙين وارداتن جو تسلسل قرار ڏنو پيو وڃي۔ وارثن جو چوڻ آهي ته علائقي ۾ ڏوهاري عنصر کلي عام گهمي رهيا آهن ۽ پوليس اثرائتي ڪارروائي ڪرڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي۔واقعي خلاف وارثن ۽ علائقي واسين مقتول جو لاش رکي قومي شاهراهه تي ڌرڻو هنيو، جنهن سبب ٽرئفڪ جي روانگي سخت متاثر ٿي ۽ گاڏين جون ڊگهيون قطارون لڳي ويون۔بعد ۾ مقتول جي جنازي نماز پپري گرائونڊ ۾ ادا ڪئي وئي، جتي وڏي انگ ۾ علائقي واسين ۽ مائٽن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي وارثن الزام هنيو ته علائقي ۾ منشيات فروش ۽ ڏوهاري عنصر کلي عام سرگرم آهن، جڏهن ته بن قاسم پوليس غفلت جو مظاهرو ڪري رهي آهي۔هنن مطالبو ڪيو ته قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪري قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌائڻ جي وارننگ ڏني وئي آهي۔پوليس عملدارن موجب واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ جوابدارن جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
پپري ۾ هٿياربندن هٿان هفتو اڳ پرڻيل نوجوان
0 تبصرے