English
سنڌي خبرون
سندھ
پاکستان
تازہ ترین
پہلا صفحہ
عمرڪوٽ ۾ صحافت جي عالمي ڏهاڙي تي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو
133 views
|
03rd May 2026
•
سنڌي خبرون
پاڪستان جا صحافي محب وطن آهن، جيڪي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا: رسول بخش رحيمداڻي
عمرڪوٽ (رپورٽ:ڪانجي مل رکيسر) صحافت جي عالمي ڏهاڙي جي موقعي تي سنڌ جي تاريخي پريس ڪلب عمرڪوٽ آڏو صحافين پاران زبردست احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو، جنهن دوران سخت نعريبازي ڪئي وئي ۽ صحافتي حقن، آزاد صحافت ۽ ڪوڙن ڪيسن جي خاتمي جو مطالبو ڪيو ويو، مظاهري کي خطاب ڪندي چيئرمين مينيجمينٽ ڪميٽي پريس ڪلب عمرڪوٽ رسول بخش رحيمداڻي چيو ته پاڪستان جا صحافي محب وطن آهن، جيڪي عوامي مسئلن کي اجاگر ڪرڻ ۽ انهن جي حل ۾ اهم ڪردار ادا ڪن ٿا، هن مطالبو ڪيو ته صحافين خلاف داخل ڪوڙا ڪيس فوري طور ختم ڪيا وڃن ۽ التوا ۾ پيل ڪيسن ۾ صحافين کي فوري رليف فراهم ڪيو وڃي، هن وڌيڪَ چيو ته عمرڪوٽ جا صحافي به ملڪ جي ٻين صحافين وانگر بهادر، بيباڪ ۽ حق ۽ سچ جي آواز بلند ڪندڙ آهن، هن چيو ته عمرڪوٽ جا صحافي هميشه عوامي خدمت، قومي يڪجهتي ۽ ادارن سان مثبت لاڳاپن کي فروغ ڏيندا رهيا آهن ۽ اڳتي به “پيغامِ پاڪستان” تحت آگاهي مهمون، سيمينار ۽ عوامي شعور کي بيدار ڪرڻ جو سلسلو جاري رکندا، ان موقعي تي صدر پريس ڪلب عمرڪوٽ غلام محمد ڪنڀر، سينيئر صحافي لجپت مالھي ۽ خزانچي غلام مصطفي مھر خطاب ڪندي چيو ته صحافت ڪنهن به معاشري جي اک ۽ آواز هوندي آهي، ۽ صحافين کي آزاد ماحول فراهم ڪرڻ وقت جي اهم ضرورت آهي، هنن چيو ته صحافت تي دٻاءُ، ڪوڙا ڪيس ۽ هراسان ڪرڻ جا واقعا ناقابل قبول آهن، حڪومت کي گهرجي ته صحافين جي تحفظ کي يقيني بڻائي ۽ اظهارِ راءِ جي آزادي کي مضبوط ڪري، مقررین وڌيڪَ چيو ته عمرڪوٽ جا صحافي هميشه مثبت صحافت، عوامي مسئلن جي نشاندهي ۽ ترقياتي عمل ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا رهيا آهن ۽ اهو سلسلو اڳتي به جاري رهندو، مظاهري ۾ شرڪت ڪندڙ صحافين ۽ سماجي شخصيتن سخت نعريبازي ڪئي، جنهن ۾ “آزاد صحافت زنده باد”، “انقلابي صحافي زنده باد”، “حقِ قلم صحافت زنده باد”، “پاڪستان زنده باد” ۽ “پاڪ فوج زنده باد” جا زوردار نعرا لڳايا ويا، مظاهري ۾ سينيئر ۽ نوجوان صحافين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، جن ۾ اسلم مھر، ڪانجي مل، زاھد احمد خان، دليپ کتري، سجاد علي شيخ، سوائي مل رکیسر، هرچند ساگر، قربان جنجهي، ڊاڪٽر سروپ مکھی، صحافي اسدالله حسيني ۽ ٻيا صحافي ۽ سماجي اڳواڻ شامل هئا، مظاهري ۾ حڪومت کان مطالبو ڪيو ويو ته صحافت جي تحفظ، اظهارِ راءِ جي آزادي ۽ صحافين خلاف ڪيسن جي فوري خاتمي کي يقيني بڻايو وڃي، آخر ۾ مظاهرو پرامن طور تي ختم ٿيو.
0
تبصرے
تبصرہ کریں
نام
مطلوب خانہ
ای میل
مطلوب خانہ
تبصرہ
مطلوب خانہ
Post comment
رجحانات
تازہ ترین
19th Jun 2026
•
سندھ
پٹرول کی قیمت 225 روپے 3 سال کے لیے فکس کرو: حافظ نعیم الرحمان کی اپیل پر کراچی تا کشمور سندھ بھر میں احتجاجی مظاہرے
19th Jun 2026
•
آرٽيڪلز/ کالمز
ڪتاب فريز ٿيل جذبا ڪھاڻين جو مختصر جائزو
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
امریکا-ایران مذاکرات ملتوی ہونے کی وجوہات سامنے آگئیں
19th Jun 2026
•
تازہ ترین
ایک بیوقوف قوم کہتی رہی کہ ایران پر بم برساتے رہو : ڈونلڈ ٹرمپ
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قمبر ويجهو پنهور برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران نوجوان قتل، 2 ڄڻا زخمي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
گهگهر لڳ سسئي پل تي حادثي ۾ 7 پورهيت زخمي، هڪ جي حالت ڳڻتي جوڳي
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي مختلف شهرن ۾ ريليون ۽ مظاهرا جاري
19th Jun 2026
•
سنڌي خبرون
ملير جي موئيدان ڪنڊ جهنگ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڳوٺاڻا احتجاج ڪندا گهرن کان ٻاهر نڪري آيا
Categories
تازہ ترین
پاکستان
دنیا
صحت
شوبز
کھیل
سائنس اور ٹیکنالوجی
دلچسپ اور عجیب
سندھ
سنڌي خبرون
آرٽيڪلز/ کالمز
Jobs
Tags
عمرڪوٽ ۾ صحافت جي عالمي ڏهاڙي
0 تبصرے